اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 178 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 6 هزار 778 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 30 سيپٽمبر تي سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 178 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 6 هزار 778 رپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2 …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 178 رپين جي واڌ، في تولو سون 4 لک 6 هزار 778 رپين جو ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 178 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 6 هزار 778 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 30 سيپٽمبر تي سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 178 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 6 هزار 778 رپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2 هزار 725 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 46 هزار 021 رپين مان وڌي 3 لک 48 هزار 746 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته 22 قيراط 10 گرام سون جي قيمت 3 لک 17 هزار 197 رپين مان وڌي 3 لک 19 هزار 695 رپيا ٿي ويو. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 16 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4776 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 14 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4094 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 3818 ڊالر مان وڌي 3855 ڊالر ٿي ويو آهي.











