حڪومت توانائي جي شعبي ۾ اثرائتن سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي: سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد -30 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري چيو آهي، ته حڪومت توانائي جي شعبي ۾ اثرائتن سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، توانائي جي شعبي جي بنيادي ڍانچي کي به بهتر بڻائي رهيا آهيون، ڊجيٽائيزيشن سان نظام ۾ شفافيت ايندي، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. انهن خيالن جوا ظهار هن ڪامسيٽس يونيورسٽي  ۾ منعقد سيمينار …

اسلام آباد -30 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري چيو آهي، ته حڪومت توانائي جي شعبي ۾ اثرائتن سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، توانائي جي شعبي جي بنيادي ڍانچي کي به بهتر بڻائي رهيا آهيون، ڊجيٽائيزيشن سان نظام ۾ شفافيت ايندي، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. انهن خيالن جوا ظهار هن ڪامسيٽس يونيورسٽي  ۾ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي  هن وقت وڏو چئلينج آهي، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومت توانائي جي شعبي ۾ اثرائتن سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. ملڪ ۾ ماحول دوست توانائي کي هٿي ڏيڻ اسان جي ترجيح آهي، گرين ۽ پائيدار توانائي کي هٿي ڏيڻ پاڪستان لاءِ وقت جي گهرج آهي، توانائي جي شعبي ۾ جامع سڌارن جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، توانائي جي شعبي جي بنيادي ڍانچي کي به بهتر بڻائي رهيا آهيون. هاڻي ڪا به ڊسٽريبيوشن ڪمپني حڪومت کان بجلي نه خريد ڪندي. هن چيو انرجي مڪس ۾ تجديد جوڳي توانائي جو حصو وڌايو پيو وڃي. انرجي مڪس ۾ پن بجلي جو وڏو ڪردار آهي. وفاقي وزير چيو ته گردشي قرض تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان ٺوس اڳڀرائي ڪئي وئي آهي. ڊجيٽائيزيشن سان نظام ۾ شفافيت ايندي، بجلي جي رسد واري نظام کي به بهتر بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته جنوري کان سي ٽي بي سي ايم جي نظام تي شفٽ ڪنداسين. نيٽ ميٽرنگ هن وقت 7 هزار ميگاواٽ نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪري رهيا آهيون. گلوبل ڪاربن جي نيڪال ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو به ناهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي هن وقت وڏو چئلينج آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ملڪ ۾ ماحول دوست توانائي کي هٿي وٺائڻ اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن.

مزید خبریں