اسلام آباد - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪوئيٽا ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خودڪش حملي جي مذمت ڪئي جنهن ۾ قيمتي حياتين جو نقصان ٿيو آهي ۽ هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته خودڪش بمبار سميت حملو ڪندڙن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي ايف سي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ …
قومي اسيمبلي اسپيڪر پاران ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪوئيٽا ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خودڪش حملي جي مذمت ڪئي جنهن ۾ قيمتي حياتين جو نقصان ٿيو آهي ۽ هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته خودڪش بمبار سميت حملو ڪندڙن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي ايف سي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. اسپيڪر چيو ته دهشتگردي پکيڙڻ وارا شرپسند عنصر جلد پنهنجي انجام تي پهچندا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم متحد آهي. هن چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.











