ڪوئٽا جي پشين اسٽاپ تي بم ڌماڪو، 7 ڄڻا فوت، 20 زخمي

ڪوئٽا -30 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪوئٽا جي علائقي پشين اسٽاپ واري هنڌ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب ڪوئٽا شهر ۾ اوچتو هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن سبب 7 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪي کان پوءِ ايڌي ايمبولينس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي. ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن ۽ زخمين کي فوري طور …

ڪوئٽا -30 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪوئٽا جي علائقي پشين اسٽاپ واري هنڌ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب ڪوئٽا شهر ۾ اوچتو هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن سبب 7 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪي کان پوءِ ايڌي ايمبولينس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي. ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن ۽ زخمين کي فوري طور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امدادي ڏني پئي وڃي. زخمين جي سڃاڻپ صابره، حسن، حمرا، سعد الله، سردار، بخت بي بي، هدايت، جمشي، ذاڪره، سيد نور، هيبت الله، سعيد الله، نريش ڪمار، جول گل، قدرت الله طور  ٿي آهي جڏهن ته 5 زخمين جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن علائقي جو ڪڙو چاڙهي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي صحت بابت صوبائي وزير  بخت محمد ڪاڪڙ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي  سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

مزید خبریں