وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

لنڊن _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن ۽ شهرين جي جلد …

لنڊن _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن ۽ شهرين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين، پاڪستان جي سالميت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن کي عبرتناڪ سزا ملندي. هن چيو ته حڪومت، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوري قوم ملڪ مان دهشتگردي ۽ فتنه الهندستان کي پاڙ کان پٽي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن.

مزید خبریں