اسلام آباد -30 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عدالتي معاملن کان روڪڻ واري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 16 سيپٽمبر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي ٻڌل پنج رڪني آئيني بينچ جسٽس طارق محمود …
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عدالتي معاملن کان روڪڻ وارو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 16 سيپٽمبر جو فيصلي ڪالعدم قرار

مزید خبریں
اسلام آباد -30 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عدالتي معاملن کان روڪڻ واري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 16 سيپٽمبر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي ٻڌل پنج رڪني آئيني بينچ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عدالتي معاملن کان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان کان اڳ، گذريل ڏينهن جي ٻڌڻي ۾، عدالت اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. ٻڌڻي دوران، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته ڪنهن به جج کي عبوري حڪم ذريعي عدالتي ڪم کان روڪي نه ٿو سگهجي. ان تي جسٽس امين الدين خان درخواست گُذار ميان دائود کان سندس راءِ معلوم ڪئي، جنهن تي ميان دائود چيو ته منهنجو به اهو ئي رايو آهي ته ڪنهن به جج کي عدالتي ڪم کان روڪي نٿو سگهجي، اهڙو حڪم جيڪو جج کي سندس فرضن کان روڪي ٿو ان جو دفاع نٿو ڪري سگهجي. آئيني بينچ چيو ته جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس جا اعتراض آهن، تنهن ڪري عدالت کي پهريان رٽ پٽيشن تي اٿاريل اعتراضن تي فيصلو ڪرڻ گهرجي. ٻڌڻي دوران جسٽس طارق محمود جهانگيري جي وڪيل منير اي ملڪ موقف اختيار ڪيو ته آئُون آئيني بينچ جي گُذريل عدالتي حڪم جو جواب ڏيڻ چاهيان ٿو. اهو لکيو ويو آهي ته رٽ ٻُڌڻي جوڳي آهي، منهنجي راءِ ۾ هڪ جج جي خلاف ڪارروائي صرف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ئي ڪري سگهي ٿي. آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان حڪم ۾ لکيو ته اٽارني جنرل ۽ ڌرين جي دليلن موجب جج کي ڪم کان روڪي نٿو سگهجي. درخواستگذار ميان دائود پُڻ اهو چيو ته جج کي ڪم کان روڪڻ جي حڪم جو دفاع نٿو ڪري سگهجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف داخل درخواست تي اعتراض آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪو وارنٽو جي درخواست تي ٻُڌڻي ۾ پهرين اعتراضن جو فيصلو ڪري. 16 سيپٽمبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد اعظم خان تي ٻڌل ڊويزن بينچ ميان دائود ايڊووڪيٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ جي درخواست جي ٻڌڻي کان پوءِ هڪ تحريري حڪم جاري ڪيو هو. 19 سيپٽمبر تي جسٽس طارق محمود جهانگيري سپريم ڪورٽ ۾ ذاتي طور تي پيش ٿي فيصلي کي چئلينج ڪيو هو ۽ درخواست ڪئي هُئي ته کيس جج طور ڪم ڪرڻ کان روڪڻ واري حڪمنامي کي ڪالعدم ۽ معطل ڪيو وڃي ۽ ڊويزن بينچ کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪيو وڃي. گذريل هفتي سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري رد ڪرڻ بابت ست درخواستون پيروي نه ڪرڻ تي خارج ڪري ڇڏيون هيون.











