ايوان پاڪ فوج ۽ دفاعي ادارن خلاف ڳالهائيندڙن جو ساٿ نه ڏيندو: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي شهرين ۽ پاڪ فوج هزارين شهادتون ڏنيون آهن، ايوان پاڪ فوج ۽ دفاعي ادارن خلاف ڳالهائيندڙن جو ساٿ نه ڏيندو. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو آهي ته هو دهشتگردن جي حمايت ۾ ڪنهن کي ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف …

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي شهرين ۽ پاڪ فوج هزارين شهادتون ڏنيون آهن، ايوان پاڪ فوج ۽ دفاعي ادارن خلاف ڳالهائيندڙن جو ساٿ نه ڏيندو. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو آهي ته هو دهشتگردن جي حمايت ۾ ڪنهن کي ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن طرفان فتنه الخوارج خلاف آپريشن بند ڪرڻ جي حوالي سان نعريبازي ۽ احتجاج جي جواب ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ايوان کي ٻڌايو ته اسان هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته ايوان ۾ ڇڪتاڻ ۽ تلخي جو ماحول نه هجي، عوام جنهن مقصد لاءِ اسان کي موڪليو آهي ان لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سمورا معاملا سوشل ميڊيا تي آهن ۽ عوام آڏو آهن. اهڙا صحافي هن معاشري ۾ آهن جن 33 سال ڪم ڪيو ۽ اڃان به سندن وٽ صرف موٽرسائيڪل جي سواري آهي، اسان کي اهڙن صحافين جو قدر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هي ڪهڙو احتجاج آهي جيڪڏهن هي ماڻهو دهشتگردن سان گڏ بيهڻ چاهين ٿا ته کلي سامهون اچن. هن چيو ته هڪ لک شهادتن جو حساب ڏيڻ بدران جيڪڏهن پاڪ فوج ۽ دفاعي ادارن خلاف ڳالهائيندا ته ايوان سندن ساٿ نه ڏيندو، هن چيو ته ايوان ۾ عوامي مفادن جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر جا ميمبر پگهار ۽ ٽي اي ڊي به وٺي رهيا آهن ۽ پنهنجي ذميواري ادا نه ڪري رهيا آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي به ان حوالي سان مناسب رولنگ ڏيڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته هو فتنه الخوارج ۽ دهشتگردن جي حمايت ۾ ڪنهن به ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندو.

مزید خبریں