اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني سيڪريٽري زيب جعفر چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين حڪومتي قدمن سبب منافعي بخش ادارو بڻجي چڪو آهي، ان جي آڪٽوبر تائين نجڪاري جو اميد آهي. قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري زيب جعفر ايوان کي ٻڌايو ته هن ايوان ۾ هڪ بيان سبب پي آءِ اي کي شديد نقصان پهتو، نقصان جي تحقيق لاءِ …
پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين حڪومتي قدمن سبب منافعي بخش ادارو بڻجي چڪو آهي، ان جي آڪٽوبر تائين نجڪاري جي اميد آهي: زيب جعفر

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني سيڪريٽري زيب جعفر چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين حڪومتي قدمن سبب منافعي بخش ادارو بڻجي چڪو آهي، ان جي آڪٽوبر تائين نجڪاري جو اميد آهي. قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري زيب جعفر ايوان کي ٻڌايو ته هن ايوان ۾ هڪ بيان سبب پي آءِ اي کي شديد نقصان پهتو، نقصان جي تحقيق لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي هئي جنهن جي رپورٽ اڃان تائين ناهي آئي، ايندڙ سيشن ۾ ان حوالي سان جواب اچي ويندو، هن ٻڌايو ته پي آءِ اي کي منافعي بخش ادارو بڻائي ان جي نجڪاري حڪومتي ايجنڊا ۾ شامل آهي ۽ ان لاءِ حڪومت اهم قدم کنيا آهن، ان ۾ ڊائون سائزنگ ڪئي وئي، بند روٽس کي بحال ڪيو ويو، هاڻي پي آءِ اي منافعي ۾ هلي رهي آهي، اميد آهي ته جڏهن ان جي نيلامي ٿيندي ته هو هڪ منافعي بخش اداري طور ٿيندي. هن ٻڌايو ته پي آءِ اي جي فيلٽ ۾ 19 جهاز فعال آهن، انهن مان 2 اي ٽي آر شامل آهن، ان ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون، پي آءِ اي هڪ وقت ۾ دنيا جي بهترين اڏام هئي، اسان ان کي ٻيهر ان مقام تي آڻي بيهارينداسين.











