اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پاڪستان فيصلائتي طور تي معدنيات جي شعبي ۾ جديد ترين، مشيني ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي طرف منتقل ٿي رهيو آهي، حڪومت معدني فريم ورڪ ذريعي ريگوليٽري سيٽ اپ کي هم آهنگ ۽ اپ ڊيٽ ڪيو آهي ته جيئن پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي عالمي سطح تي چٽاڀيٽي واري بڻجي سگهي. پيٽروليم ڊويزن جي …
ريڪوڊڪ پراجيڪٽ معدنيات جي شعبي جو مشعل بردار آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي مستحڪم ۽ سازگار ماحول فراهم ڪندي: وفاقي وزير علي پرويز ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پاڪستان فيصلائتي طور تي معدنيات جي شعبي ۾ جديد ترين، مشيني ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي طرف منتقل ٿي رهيو آهي، حڪومت معدني فريم ورڪ ذريعي ريگوليٽري سيٽ اپ کي هم آهنگ ۽ اپ ڊيٽ ڪيو آهي ته جيئن پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي عالمي سطح تي چٽاڀيٽي واري بڻجي سگهي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب هن اها ڳالهه فن لينڊ جي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن جي قيادت پاڪستان ۾ فن لينڊ جي سفير هنوريپاٽي ڪئي. وفد ۾ معدنيات جي پراسيسنگ جي صنعت ۾ اوزار ۽ خدمتون فراهم ڪندڙ عالمي اداري ميٽسو جي صدر پياڪرهو ۽ فن لينڊ ۾ پاڪستان جو اعزازي قونصل جنرل ولي ايرولا شامل هئا. اجلاس ۾ معدنيات جي شعبي ۾ پاڪستان جي تبديلي جي ايجنڊا، سيڙپڪاري جي وڌندڙ موقعن ۽ عالمي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير ريڪوڊڪ پراجيڪٽ کي پاڪستان جي معدني شعبي جو مشعل بردار قرار ڏيندي ان عزم کي ورجايو ته حڪومت سيڙپڪارن کي هڪ مستحڪم ۽ سازگار ماحول فراهم ڪندي. پياڪرهو پاڪستان حڪومت جي واضح قدمن کي ساراهيندي چيو ته اهي قدم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي معدنيات جي شعبي جي ترقي جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. هن تصديق ڪئي ته ميٽسو ريڪوڊڪ پراجيڪٽ لاءِ اوزار ۽ خدمتون فراهم ڪندڙ آهي ۽ مستقبل ۾ پاڪستان ۾ وڌيڪ منصوبن کي هٿي ڏيڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي. هن اعلان ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ مقامي هنر ۽ انساني وسيلن جي تربيت ۾ سيڙپڪاري ڪندي ته جيئن پائيدار ترقي ۽ مهارت ۾ واڌ جو هدف حاصل ڪري سگهجي. وفاقي وزير ميٽسو جي سيڙپڪاري ۽ مقامي صلاحيت سازي کي ساراهيندي چيو ته مقامي انساني وسيلن جي تربيت پاڪستان ۾ خوشحالي سان گڏوگڏ عالمي سطح تي گهربل هنر، افرادي سگهه به فراهم ڪندي. ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ فن لينڊ جي ڪمپنين وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي معدني وسيلن جي وسيع صلاحيت کي ذميواري ۽ موثر طريقي سان ڪتب آڻي سگهجي. وفاقي وزير ريڪوڊڪ پراجيڪٽ کي پاڪستان جي معدنيات جي شعبي جو مشعل بردار قرار ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي هڪ مستحڪم ۽ سازگار ماحول فراهم ڪندي.











