اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاهه سان گڏجي خيبر پختونخوا جي ضلعي بونير جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. پڌرائي مطابق ان دوري دوران سينيٽر روبينه خالد چيو ته ٻوڏ سبب متاثر خاندانن جي رجسٽريشن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ بي آءِ ايس پي جي موبائل رجسٽريشن وين بونير پهچي وئي آهي، جنهن سان علائقي جي عوام بي آءِ ايس …
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جو قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاهه سان گڏ خيبر پختونخوا جي ضلعي بونير جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاهه سان گڏجي خيبر پختونخوا جي ضلعي بونير جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. پڌرائي مطابق ان دوري دوران سينيٽر روبينه خالد چيو ته ٻوڏ سبب متاثر خاندانن جي رجسٽريشن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ بي آءِ ايس پي جي موبائل رجسٽريشن وين بونير پهچي وئي آهي، جنهن سان علائقي جي عوام بي آءِ ايس پي جي مختلف پروگرامن مان فائدو کڻندي. هن پي پي پي خيبر پختونخوا جي صدر سيد محمد علي شاهه باچا ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن پاران جاري امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ۽ متاثر خاندانن جي مڪمل بحالي لاءِ ضروري قدمن تي مشاورت ڪئي. بونير جي ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف قيوم خان به بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن کي ٻوڏ جي تباهه ڪارين، امدادي ڪارروائين ۽ ضلعي انتظاميه طرفان ڪيل بحالي جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن ۾ ضروري سامان به ورهايو ويو.











