اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته بهاولنگر …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته بهاولنگر ۽ مٺي ۾ هڪ ملي ميٽر برسات پئي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت ۾ 46، لسٻيلو 42 ۽ سبي ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











