اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پاڪستان جي دوري تي آيل ازبڪستان جي پارلياماني وفد اسپيڪر نور الدين اسماعيلوف جي سربراهي ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن پارلياماني لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي تعاون سميت اهم عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پارليامينٽ هائوس اچڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مهمان وفد جي آجيان ڪئي. ملاقات …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ازبڪستان جي پارلياماني وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پاڪستان جي دوري تي آيل ازبڪستان جي پارلياماني وفد اسپيڪر نور الدين اسماعيلوف جي سربراهي ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن پارلياماني لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي تعاون سميت اهم عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پارليامينٽ هائوس اچڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مهمان وفد جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن پارلياماني تعاون ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفد سان ڳالهائيندي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان گڏيل مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي رشتن سان ڳنڍيل آهن، هن چيو ته خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ پارلياماني سفارتڪاري ضروري آهي، پارلياماني سفارتڪاري ملڪن وچ ۾ رابطا وڌائڻ جو اهم ذريعو آهي، سعودي عرب، ترڪيه، آذربائيجان ۽ ايران جا پارلياماني وفد به آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ جو دورو ڪري رهيا آهن. اسپيڪر سردار اياز صادق ازبڪستان کي آءِ پي يو (IPU) جو ڪامياب اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته گوادر ۽ ڪراچي پورٽ اهم بندرگاهون آهن جيڪي ازبڪستان کي دنيا سان جوڙي سگهن ٿيون. ازبڪستان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پوزيشن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪشمير مسئلو ۽ فلسطين کي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ ڊگهي مدي وارو امن قائم ڪرڻ ممڪن نه هوندو. عالمي برادري مظلوم ڪشميري ۽ فلسطيني عوام جي حق ۾ فوري ۽ منصفاڻو ڪردار ادا ڪري. مسلمان امت کي ڪشمير جي عوام جي حق ۾ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي واري جهدجهد ۾ هر سطح تي حمايت جاري رکندو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪ – ازبڪ پارلياماني فرينڊشپ گروپ ٻنهي ملڪن جي پارلياماني تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردا ادا ڪري رهيو آهي، ٻطرفن پارلياماني ۽ عوامي رابطن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ازبڪ اسپيڪر نور الدين اسماعيلوف چيو ته پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال ۽ گرمجوش ميزباني تي ٿورو مڃون ٿا، پاڪستان جي شاندار ثقافتي ۽ تمدني روايتون واکاڻ جوڳيون آهن، پاڪستان جي معاشي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان جي پارليامينٽ پنهنجي عوام لاءِ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. پاڪستان وانگر ازبڪستان به دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ۾ هڪٻئي جي تجربن مان سکي سگهن ٿا. پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جو سفارتي محاذ تي رد عمل واکاڻ جوڳو آهي. موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا اخوت، اعتماد ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. پارلياماني سطح تي ويجها رابطا عوامي سطح تي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو تازو ازبڪستان جو دورو ٻطرفن لاڳاپن لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيو.











