پرڏيهي سيڙپڪارن خاص ڪري جرمن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ دوستاڻي ماحول جي قيام لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم ملڪ جي ترقي ۾ نجي شعبي جو قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ تي يقين رکي ٿو، پرڏيهي سيڙپڪارن خاص ڪري جرمن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ …

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ دوستاڻي ماحول جي قيام لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم ملڪ جي ترقي ۾ نجي شعبي جو قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ تي يقين رکي ٿو، پرڏيهي سيڙپڪارن خاص ڪري جرمن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جرمني جي سفير ايناليپل سان ملاقات ۾ چئي. ناڻي واري وزير جرمني جي سفير جي آجيان ڪئي ۽ ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. هن جرمني جي قيمتي فني ۽ مالي مدد تي ٿورو مڃيو ۽ پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ جرمن ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي اهميت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير جرمن سفير کي پاڪستان جي معيشت جي مجموعي صورتحال ۽ اهم معاشي اهڃاڻن ۾ هاڻوڪي بهتري کان آگاهه ڪيو. هن آءِ ايم ايف جي جاري جائزي مشن ۽ پروگرام تحت مقداري هدفن جي تڪميل تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو. هن هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪارين ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيش ايندڙ چئلينجن تي به روشني وڌي ۽ واضح ڪيو ته حڪومت ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري لاءِ دوستاڻي ماحول جي قيام ۾ پرعزم آهي. هن چيو ته وزيراعظم ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ملڪ جي ترقي ۾ نجي شعبو قائداڻو ڪردار ادا ڪري ناڻي واري وزير پرڏيهي سيڙپڪارن خاص ڪري جرمن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ، منعافي ۽ ڊيويڊنڊ جي منتقلي ۾ سهولت ۽ لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. جرمن سفير 2013ع کان 2015ع دوران پاڪستان ۾ پنهنجي اڳوڻي سفارتي ذميوارين جو ذڪر ڪندي خوشگوار يادون تازيون ڪيون. هن پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي موقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پائيدار معاشي ترقي لاءِ نجي شعبي جي شموليت ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪئي، ڌرين پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ معاشي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ ترقياتي حصيداري جي نون موقعن جي ڳولا جي عزم کي ورجايو. ان کان اڳ ناڻي واري وزير سان يونيسيف جي پاڪستان بابت نمائندي پرنائل آئرن سائيڊ ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ يونيسيف جي فني معاونت ۽ علم جي منتقلي کي ساراهيو. هن ملڪ کي درپيش موسمياتي تبديلي ۽ آبادي ۾ تيزي سان واڌ جهڙن چئلينجن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن سببن جو ٻارن جي واڌ ويجه ۾ رڪاوٽ ۽ تعليمي گهٽتائي تي سڌي ريت اثر پوي ٿو. هن ٻڌايو ته عالمي بئنڪ سان ويجهڙ ۾ طئي ٿيل ڪنٽري پارنٽرشپ فريم ورڪ تحت ايندڙ 10 سالن ۾ ساليانو تقريبن 2 ارب ڊالرن جي امڪاني معاونت ۾ 2 ڀاڱي ٽي حصي سان مسئلن تي خرچ ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته موجود وسيلن جو بهترين استعمال اڻٽر آهي ته جيئن ان سنگين مسئلن کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته يونيسيف سميت ترقياتي حصيدار پاڪستان جي ڪوششن، خاص ڪري موسمياتي تبديلي واري وزارت، آبادي ۽ ڀلائي واري وزارت ۽ صحت واري وزارت سان ويجهي تعاون ذريعي اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ترجيحي شعبن ۽ منصوبن جي نشاندهي فني معاونت ۽ گنجائش ۾ واڌ لاءِ موثر هم آهنگي ضروري آهي، جڏهن ته ڄاڻايل منصوبن کي عملي طور لاڳو ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ويجهو تعاون پڻ اڻٽر آهي، يونيسيف جي نمائندي پاڪستان سان تعاون جي عزم کي ورجائيندي چيو ته يونيسيف لاڳاپيل وزارتن ۽ حصيدارن سان ويجهي حصيداري جو عمل جاري رکندو جنهن ۾ خاص ڪري ٻارن جي پرگهور ۽ نياڻين جي تعليم ڏني پئي وڃي. هن ٻڌايو ته يونيسيف حڪومتي ترجيحن موجب حڪمت عملي تي ٻڌل حصيدارين ذريعي فني مدد فراهم ڪري رهيو آهي، تعليم، صحت ۽ موسمياتي لچڪ جهڙن شعبن ۾ گهڻ رخي  موقف کي اختياري ڪري رهيو آهي، ڌرين ٻارن ۽ معاشرن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي لاءِ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں