اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان نرسنگ ڪائونسل بابت اهم اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪائونسل جي سمورن معاملن کي جلد کان جلد ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي، انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ ڪري ميرٽ ۽ شفايت کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته اسان نرسنگ …
پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي: مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان نرسنگ ڪائونسل بابت اهم اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪائونسل جي سمورن معاملن کي جلد کان جلد ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي، انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ ڪري ميرٽ ۽ شفايت کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته اسان نرسنگ جي شعبي ۾ وڃايل ساک بحال ڪنداسين، اجلاس ۾ پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. هن چيو ته پاڪستان نرسنگ ڪائونسل کي هڪ جديد، موثر ۽ عالمي معيار جو ادارو بڻائينداسين ۽ نرسنگ جو شعبو صحت جي شعبي ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ 9 لک نرسز جي کوٽ آهي، سڄي دنيا ۾ هن وقت اٽڪل 25 لک ڪواليفائيڊ نرسز جي کوٽ آهي، نرسنگ جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جامع ۽ موثر قدمن کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته نرسنگ جي شعبي کي جديد رخن تي آندو ويندو، نرسنگ جي شعبي جي بهتري لاءِ سڌارن جو سلسلو جاري آهي.











