ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-29سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 88 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 88 هزار هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 14 هزار 800 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 67 هزار  700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 67 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي …

اسلام آباد-29سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 88 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 88 هزار هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 14 هزار 800 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 67 هزار  700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 67 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 13 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار 900 ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 29 هزار 600 ڪيوسڪ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال مطابق گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 35 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 9 هزار 900 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 29 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 76 هزار 300 ڪيوسڪ، ڪوٽري بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 76 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 54 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.728 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1240.75 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 7.175 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 649.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.311 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.

مزید خبریں