نيويارڪ -29 سيپٽمبر (اي پي پي) نيويارڪ جي فضا پاڪستاني جهنڊن ۽ ”پاڪستان زنده آباد“ جي نعرن سان گونج جي وئي. پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني برادري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ٻاهران وزيراعظم ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين موبائيل ڊجيٽل ٽرڪن تي پاڪ فوج ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي حق ۾ پيغام نشر ڪيا. نيو يارڪ جي رستن تي موبائيل ٽرڪن …
پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين پاران سياسي ۽ عسڪري قيادت کي عالمي سطح تي شاندار خراج تحسين پيش

مزید خبریں
نيويارڪ -29 سيپٽمبر (اي پي پي) نيويارڪ جي فضا پاڪستاني جهنڊن ۽ ”پاڪستان زنده آباد“ جي نعرن سان گونج جي وئي. پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني برادري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ٻاهران وزيراعظم ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين موبائيل ڊجيٽل ٽرڪن تي پاڪ فوج ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي حق ۾ پيغام نشر ڪيا. نيو يارڪ جي رستن تي موبائيل ٽرڪن تي لڳل پاڪ فوج جي جرئت، بهادري ۽ قربانين جا منظر سڀني جي نگاهن جو مرڪز رهيا. پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني برادري جو چوڻ هو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج حق جي ويڙهه ۾ قوم جو وقار بلند ڪيو. پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني برادري حق جي ويڙهه ۾ تاريخي فتح کي پاڪستان جي عظيم ڪاميابي قرار ڏنو. هنن ڪشميري عوام جي حق ۾ جرئتمنداڻو موقف اختيار ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ پاڪ فوج جي قيادت کي ساراهيو.











