سول سروس رياست جي نظام، تسلسل ۽ وقار جي محافظ آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد _ 29 سيپٽمبر ( اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سول سروس رياست جي نظام، تسلسل ۽ وقار جي محافظ آهي، پاڪستان جي سول سرونٽس سدائين قابليت، فرض شناسي ۽ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايوان صدر ۾ 38هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب …

اسلام آباد _ 29 سيپٽمبر ( اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سول سروس رياست جي نظام، تسلسل ۽ وقار جي محافظ آهي، پاڪستان جي سول سرونٽس سدائين قابليت، فرض شناسي ۽ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايوان صدر ۾ 38هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وقتي صدر چيو ته سينيئر مئنيجمينٽ تائين پهچ سالن جي محنت، نظم ۽ ضبط ۽ عوامي خدمت جو اعتراف آهي، سول سروس رياست جي نظام، تسلسل ۽ وقار جي محاظ آهي، ان لينڊ اسٽڊي ٽور آفيسرن کي حڪومتي ۽ پارلياماني ادارن جي عملي مشاهدي جو موقعو ڏي ٿو. هن چيو ته سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ اي – گورننس ۽ مصنوعي ذهانت جي ذريعي شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي فروغ ڏنو پيو وڃي، ڏکڻ پنجاب سميت تازي ٻوڏ واري صورتحال ۾ سول آفيسرن جو ڪردار خراج تحسين جو مستحق آهي، قدرتي آفتون ادارن جي صلاحيت ۽ عوامي خدمت جي جذبي کي آزمائين ٿيون، ماحولياتي تبديلي جو مقابلو سمورن ادارن ۽ ڪميونٽيز جي گڏيل ذميواري آهي، سينيئر مئنيجمينٽ سطح تي قيادت کي تعاون، سکڻ، جدت ۽ انڪساري کي اختيار ڪرڻو پوندو، قومي ترقي جا هدف ڪنهن هڪ اداري يا کاتي جي وس جي ڳالهه نه آهي، گڏيل ڪوششون لازمي آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته آفيسر پنهنجي تربيت ۽ تجربن کي عوامي ڀلائي ۽ قومي ترجيحن سان هم آهنگ ڪن، پارليامينٽ سڌارا پسند ۽ فعال آفيسرن سان گڏجي عوامي امنگن تي پورو لهڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ديانتداري، ڏاهپ ۽ سچي نيت سان ڪم ڪريو. تقريب جي پڄاڻي تي سوالن جوابن جو سيشن ٿيو. ان دوران وقتي صدر شفاف ۽ موثر حڪمراني تي زور ڏنو.

مزید خبریں