اسلام آباد _ 29 سيپٽمبر ( اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايوان صدر ۾ ازبڪ اسپيڪر نورالدين مويدن خانويخ اسماعيلوف اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي رابطن، اقتصادي تعاون ۽ پارلياماني رابطن جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا تاريخي، ثقافتي …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ازبڪ اسپيڪر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد _ 29 سيپٽمبر ( اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايوان صدر ۾ ازبڪ اسپيڪر نورالدين مويدن خانويخ اسماعيلوف اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي رابطن، اقتصادي تعاون ۽ پارلياماني رابطن جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي بنيادن تي قائم آهن، وزيراعظم شهباز شريف جي تازي تاشقند جي ڪامياب دوري کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ نئين دور جي شروعات قرار ڏنو ويو، تاشقند جي دوري ۾ 10 مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ۽ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وقتي صدر چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي 51هين اجلاس جي موقعي تي جون 2025ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ روڊ ميپ تي صحيحون ڪيون ويون. سيد يوسف رضا گيلاني ازبڪ صدر شوڪت مرزيايوف کي جلد اسلام آباد جي دوري جي دعوت ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن جهڙن مڪينزم جي اجلاسن کي خوش آئنده قرار ڏنو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارلياماني تعاون ٻطرفي لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان ۾ پارلياماني فرينڊشپ گروپس اڳ کان قائم آهن جيڪي تعاون کي وڌائڻ جو موقف پليٽ فارم آهن، اپريل 2025ع جي ازبڪستان جي دوري ۾ منهنجون اعليٰ قيادت سان ڪارائتيون ملاقاتون ٿيون. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل اجلاس ٻنهي پارليامينٽن ۾ بهتر لاڳاپن کي فروغ ڏيندا، پاڪستان ۽ ازبڪستان جو ٻطرفو واپار 27 ملين ڊالر کان وڌي 111 ملين ڊالر تائين پهتو آهي، ٻنهي ملڪن جو هدف ايندڙ چئن سالن ۾ ٻطرفي واپار کي 2 ارب ڊالر تائين پهچائڻ آهي، لاهور – تاشقند سڌوسنئون اڏامن جي بحالي ۽ اسلام آباد – تاشقند هفتيوار اڏامن جي شروعات خوش آئنده آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٽرانس افغان ريلوي منصوبو پاڪستان ۽ ازبڪستان کي افغانستان جي رستي ڳنڍڻ جو اهم ذريعو ٿيندو، ريلوي منصوبي جي ڪامياب تڪميل سان علائقائي رابطن، واپار ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، پاڪستان ۽ ازبڪستان سمورن شعبن ۾ فعاون تعاون جاري رکندا. پاڪستان جو عزم آهي ته پارلياماني رابطن، اقتصادي تعاون ۽ علائقائي منصوبن جي ذريعي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي کي فروغ ڏنو وڃي.











