اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته معلومات تائين پهچ نه رڳو هڪ جمهوري حق پر شفافيت، جوابدهي ۽ عوامي اختيارن لاءِ هڪ طاقتور ذريعو به آهي، اسان کي معلومات تائين عالمي پهچ جي حفاطت ۽ ان کي هٿي وٺائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معلومات تائين پهچ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي …
اسان کي معلومات تائين عالمي پهچ جي حفاظت لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته معلومات تائين پهچ نه رڳو هڪ جمهوري حق پر شفافيت، جوابدهي ۽ عوامي اختيارن لاءِ هڪ طاقتور ذريعو به آهي، اسان کي معلومات تائين عالمي پهچ جي حفاطت ۽ ان کي هٿي وٺائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معلومات تائين پهچ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت هر شهري جي انهي بنيادي حق جي پختي عزم جي توثيق ڪري ٿي ته هو معلومات جي ڳولها ۽ پهچ حاصل ڪن. اڄ جي دنيا جو پاڻ ۾ ڳنڍيل هئڻ ۽ معلومات جو آزاد هئڻ نه رڳو سٺي حڪمراني کي مضبوط ڪري ٿو پر سماجي شموليت کي هٿي به ڏئي ٿو، رياست ۽ ان جي ماڻهن وچ ۾ اعتماد جي فضا قائم ڪري ٿو. هن چيو ته باخبر معاشرن ذريعي ئي قومون امن، انصاف ۽ پائيدار ترقي ڏانهن وڌي سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان قانونسازي ۽ اداره جاتي سڌارن ذريعي شهرين جي معلومات جي حق جي ضمانت لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. اسان عورتن، نوجوانن ۽ پٺتي پيل طبقن سميت معاشري جي سمورن طبقن کي ڊجيٽل دور ۾ ڄاڻ تائين برابر پهچ مان فائدو کڻڻ جو عزم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان انفارميشن ڪميشن، حق تائين پهچ قانون 2017 تحت هڪ جزوي عدالتي فورم آهي، جيڪو معلومات تائين پهچ فراهم ڪري ٿو ۽ شهرين جي شڪايتن جو ازالو پڻ ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته عوامي رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان جي پهچ کي آسان بڻائڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل پڻ شروع ڪيو ويو آهي. هن سمورن اسٽيڪ سميت حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ ٽيڪنالاجي پليٽ فارمز کي اپيل ڪئي ته هڪ وڌيڪ کليل، شفاف ۽ علم تي ٻڌل معاشرو ٺاهڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو، ايئن ڪري اسان پنهنجي ماڻهن کي بااختيار بڻائي سگهون ٿا، پنهنجي جمهوريت کي مضبوط ڪري سگهون ٿا ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي طرف سفر کي تيز ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان کي اڄوڪي ڏينهن جي مناسبت سان ان عزم جي تجديد ڪرڻي پوندي ته اسان سڀني جي فائدي لاءِ معلومات تائين عالمي پهچ جي حفاظت ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪنداسين.











