سپريم ڪورٽ بار اليڪشن اميدوارن جي حتمي فهرست 4 آڪٽوبر تي جاري ٿيندي

لاهور - 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊ 16 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندي، سڄي ملڪ مان 4 هزار 379 وڪيل پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جا اهل هوندا. لاهور مان 1460 وڪيل شامل آهن، جڏهن ته ملتان مان 315، بهاولپور 145، راولپنڊي 805، خيبر پختونخوا 593، سنڌ 741 ۽ بلوچستان مان 322 وڪيل ووٽرز شامل آهن. چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي عارضي …

لاهور – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊ 16 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندي، سڄي ملڪ مان 4 هزار 379 وڪيل پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جا اهل هوندا. لاهور مان 1460 وڪيل شامل آهن، جڏهن ته ملتان مان 315، بهاولپور 145، راولپنڊي 805، خيبر پختونخوا 593، سنڌ 741 ۽ بلوچستان مان 322 وڪيل ووٽرز شامل آهن. چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي عارضي فهرست 30 سيپٽمبر تي جاري ڪئي ويندي. پهرين آڪٽوبر تي اپيلون داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 3 آڪٽوبر تي داخل ڪيل اپيلن تي فيصلا ٻڌايا ويندا. چونڊ شيڊول موجب اميدوار 4 آڪٽوبر تي منجهند جو 2 بجي تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جا اهل هوندا ۽ انهي ڏينهن ئي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي. سڄي ملڪ ۾ پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون وينديون، پولنگ صبح جو ساڍي 8 بجي کان شام 5 بجي تائين جاري رهندي.

مزید خبریں