سياحت رڳو هڪ صنعت نه آهي پر اها اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ فخر جو مظهر آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد _ 27 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سياحت جي فروغ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياحت رڳو هڪ صنعت نه آهي پر اها اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ فخر جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سياحت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سياحت جي …

اسلام آباد _ 27 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سياحت جي فروغ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياحت رڳو هڪ صنعت نه آهي پر اها اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ فخر جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سياحت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سياحت جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان حڪومت ان عزم جو اظهار ڪري ٿي ته سياحت جي فروغ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي، هن سال جو موضوع ”سياحت ۽ پائيدار تبديلي“ هڪ فوري حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو، سياحت کي هڪ اهڙي شعبي ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي جنهن جو بنياد عوام جي ترقي، اسان جي معيشت جي مضبوطي ۽ اسان جي ورثي جي حفاظت هجي. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ سياحت رڳو هڪ صنعت نه پر اها اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ فخر جو اظهار آهي، واديءَ سنڌ جي قديم تهذيبن کان وٺي اسان جي جبلن، صحرائن ۽ سامونڊي ڪنارن جي سدا بهار خوبصورتي تائين پاڪستان هڪ اهڙي سرزمين آهي جيڪا دنيا جي لاءِ انتهائي دلچسپي ۽ ڪشش رکي ٿي، اسان کي دنيا جو ڌيان ان طرف ڇڪرائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته سياحت ۾ خوشحالي آڻڻ، اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۽ امن کي قائم ڪرڻ جي طاقت آهي، پاڪستان جو دورو ڪندڙ هر سياح نه رڳو اسان جي معيشت کي پر گڏيل ثقافتي سمجهه ۽ عالمي خيرسگالي جي لاءِ فائديمند آهي. هن چيو ته اسان سياحت کي ترقي جو ذريعو بڻائڻ چاهيون ٿا، ان جي ذريعي نوجوانن جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪري سگهجن ٿيون، ڪاروباري موقعا وڌائي سگهجن ٿا، اسان جو عزم آهي ته اسان جي سياحت جي ترقي پائيدار ۽ مضبوط ٿئي. وزيراعظم چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ ماحولياتي تبديلي جا وڌندڙ اثر اسان کي ياد ڏيارين ٿا ته اسان ماحوليات جي قيمت تي ترقي نه ٿا ڪري سگهون، پاڪستان ماحوليات دوست طريقن، آبهوا جي لحاظ کان مضبوط انفراسٽرڪچر ۽ ڪميونٽي سان هلندڙ سياحت کي فروغ ڏيندو رهندو. هن چيو ته حڪومت پاڪستان کي هڪ محفوظ، ڀليڪار چوندڙ ۽ متاثر ڪندڙ جڳهه بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي پر ڪاميابي رڳو انهي وقت ممڪن آهي جڏهن هر ماڻهو ۽ ادارو ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اسان پنهنجي ملڪ کي مهمان نواز، موقعن سان ڀرپور ۽ بي مثال خوبصورتي جي جڳهه جي طور تي اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن جي مناسبت سان اسان کي ان عزم جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو ته اسان پاڪستان ۾ سياحت کي رڳو آمدني جو ذريعو نه پر قومي فخر ۽ پائيدار تبديلي جو ذريعو بڻائينداسين.

مزید خبریں