حڪومت هڪ سال ۾ گردشي قرضن ۾ 780 ارب رپين جي رڪارڊ گهٽتائي ڪئي: سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته گردشي قرض پاڪستان جي لاءِ مسئلو هئا، پي ٽي آءِ جي حڪومتي دؤر ۾ گردشي قرضن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هڪ سال ۾ گردشي قرضن ۾ 780 ارب رپين جي رڪارڊ گهٽتائي ڪئي، 6 سالن اندر گردشي قرضن جو نالو به نه رهندو. آءِ پي پي …

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته گردشي قرض پاڪستان جي لاءِ مسئلو هئا، پي ٽي آءِ جي حڪومتي دؤر ۾ گردشي قرضن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هڪ سال ۾ گردشي قرضن ۾ 780 ارب رپين جي رڪارڊ گهٽتائي ڪئي، 6 سالن اندر گردشي قرضن جو نالو به نه رهندو. آءِ پي پي جي معاهدن تي نظرثاني ڪري اربين رپين جي بچت ڪئي، 1225 ارب رپين جي گردشي قرضن جو بئنڪن ذريعي حل ڪڍيو آهي. توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي پهرين ترجيح آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته گردشي قرض پاڪستان لاءِ مسئلو هئا، 2018ع ۾ جڏهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ختم ٿي ته گردشي قرضن تقريبن 1100 ارب رپيا هئا جڏهن ته نئين پاڪستان جي حڪومت جي دؤر ۾ 2022ع ۾ گردشي قرضن جو ڳاڻيٽو 1100 ارب رپين کان وڌي 2250 ارب رپين تي پهچي چڪو هو، جڏهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) ٻيهر حڪومت سنڀالي ته تقريبن 2400 ارب رپين جا قرض هئا. هن چيو ته هڪ سال اندر اسان 780 ارب رپيا بنا ڪنهن ٻه نمبريءَ جي گهٽتائي ڪئي، چوري ۽ نقصان ڪنٽرول ڪري گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. معيشت سنڀالڻ ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائيءَ سان 175 ارب رپين جي بچت ٿي. گردشي قرضن ۾ 368 ارب رپيا جي گهٽتائي ٿي. آءِ پي پيز سان ڳالهين ۽ مجموعي طور هڪ سال اندر نقصانن جي مد ۾ 242 ارب رپين جي بچت ڪئي وئي. هن چيو ته بئنڪن سان قرضن کي جلد ختم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ويو. 18 بئنڪن سان معاهدو ڪيو، ڪنهن به بئنڪ کي ڪابه منع نه هئي. ٽاسڪ فورس کي ان معاهدي جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، 6 سالن اندر گردشي قرضن جو نالو به نه رهندو. سرچارج 3 رپيا 23 پئسا جيڪو صارفين کان وصول ڪيو پيو وڃي هاڻ اها سرچارج به 5 کان 6 سالن ۾ ختم ٿي ويندي. گردشي قرضن جو بهتر وياج واري شرح هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو. پاڪستان جي معيشت انرجي سيڪٽر تي ٻَڌل آهي. اهڙن قدمن سان هاڻ معيشت ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. وفاقي وزير چيو ته تقريبن 800 ارب رپين جو گردشي قرض بنا ڪنهن قرض جي ختم ڪيو ويو. گردشي قرض لاءِ 3.5 سالن کان 5.5 سيڪڙو وياج جي بچت ٿي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪا ٻي معيشت ناهي جنهن ۾ گردشي قرضن جو بار هجي. ڊسڪوز جي بورڊز جي ڪارڪردگيءَ ۾ نقصانن جي گهٽتائي جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. انڊسٽريءَ کي 38 سيڪڙو جڏهن ته هڪ ڪروڙ 80 لک صارفين کي 50 سيڪڙو گهٽ بار تي بجلي ملي رهي آهي. سولر نيٽ ميٽرنگ جي ريٽس جي هن وقت خوفناڪ صورتحال آهي. سوا ٽي ڪروڙ ماڻهن جا ريٽس گهٽ ٿيندا جيڪڏهن سولر ميٽرنگ جي ريٽس تي نظرثاني ٿئي، گردشي قرضن لاءِ ڪائبور ريٽس مائنس 0.9 سيڪڙو تي طئي ٿيو آهي. هن چيو ته پاور سيڪٽر جو ڊالر ڊيٽ تمام گهٽ ٿيو آهي، گردشي قرضن جي حوالي سان آءِ ايم ايف سان پوري ڊسڪشنز ٿي آهي، آءِ ايم ايف سان گڏجي گردشي قرضن جي حوالي سان معاهدو ٿيو. آءِ ايم ايف مشن اقتصادي جائزي لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي جنهن سان اڄ به گردشي قرضن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اويس لغاري چيو ته حڪومت اهڙا حد طئي ڪري ورتا آهن جنهن سان آئينده پاور سيڪٽر اندر نه صرف انويسٽرز پر ڪنزيومرز ۽ بئنڪس سان به وڌيڪ اعتماد جو ماحول پيدا ٿيندو. گردشي قرضن جي هي اسڪيم پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي آهي جيڪا باقائده پلاننگ ذريعي آندي وئي آهي جنهن جو باقائده افتتاح ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف ڪيو.

مزید خبریں