وڪيلن جي فلاح بهبود جي منصوبن کي سياست جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وڪيلن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن. وڪيلن جي فلاح بهبود جي منصوبن کي سياست جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين، وڪيل جو معاشري ۾ اهم ڪردار آهي. اهڙو اظهار هن فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي، ڊي ايڇ اي ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي گڏيل رهائشي منصوبي مارگله …

اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وڪيلن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن. وڪيلن جي فلاح بهبود جي منصوبن کي سياست جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين، وڪيل جو معاشري ۾ اهم ڪردار آهي. اهڙو اظهار هن فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي، ڊي ايڇ اي ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي گڏيل رهائشي منصوبي مارگله آرچرڊ پارڪ روڊ هائوسنگ اسڪيم جي ترقياتي ڪمن بابت ٽه ڌري معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميم ۾ وڪيلن جون تجويزون شامل ڪيون ويون آهن، قانوني سڌارن ۾ قانوني برادريءَ سان مشاورت يقيني ڪئي وڃي ٿي، فوجداري نظام ۾ اهم سڌارا آندا ويا آهن. هن وڪيلن جي رهائشي اسڪيم ۾ ترقياتي ڪمن بابت  مفاهمتي معاهدي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته وڪيلن جي فلاح بهبود لاءِ حڪومتي سطح تي تعاون جاري رهندو. تقريب کي هائوسنگ واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده به خطاب ڪيو ۽ چيو ته ترقياتي ڪمن جي شروعات جي حوالي سان هي هڪ تاريخي معاهدو هوندو جنهن کان پوءِ ان پراجيڪٽ تي باقاعدي طور تيزيءَ سان ڪم شروع ٿي ويندو ۽ هي پراجيڪٽ جلد کان جلد پڄاڻيءَ تي پهچندو. ان منصوبي تحت فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي پنهنجي الاٽيز کي عالمي معيار جي جديد سهولتن سان رهائشي ماحول فراهم ڪندي. ان سان گڏوگڏ اسڪيم ۾ ڪمرشل ايرياز پارڪس، تعليمي ادارا، مسجدون ۽ ٻيون عوامي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. رياض حسين پيرزاده چيو ته وڪيل برادريءَ جي فلاح بهبود اسان جي پهرين ترجيح آهي، ان سلسلي ۾ هر وقت ڪوششون جاري رهنديون.

مزید خبریں