لاهور-26 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي، حرمين شريفين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان پاڪ سعودي دفاعي معاهدو پاڪستان لاءِ هڪ اعزاز کان گهٽ ناهي، هاڻوڪي ٻوڏ ۾ وزيراعليٰ مريم نواز شريف متاثرن يک رليف ڏيڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي. اهڙو اظهار هن صوبائي وزير سهيل شوڪت بٽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي، حرمين شريفين جي سيڪيورٽي پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز آهي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
لاهور-26 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي، حرمين شريفين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان پاڪ سعودي دفاعي معاهدو پاڪستان لاءِ هڪ اعزاز کان گهٽ ناهي، هاڻوڪي ٻوڏ ۾ وزيراعليٰ مريم نواز شريف متاثرن يک رليف ڏيڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي. اهڙو اظهار هن صوبائي وزير سهيل شوڪت بٽ سان گڏ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي اها خوشقسمتي آهي جو جنهن کي محمد نواز شريف ۽ـ وزيراعظم محمد شهباز شريف جهڙا ورڪر دوست اڳواڻ مليا آهن. دنيا ۾ هن وقت پاڪستان جي جيڪا عزت آهي اها ان کي گذريل 75 سالن ۾ به نه ملي، اڄ دنيا پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي ۽ ان سان سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ موجوده حڪومت پاڪستان کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو، ملڪ کي بحران مان ڪڍيو جنهن سبب اڄ پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي. مهانگائي جو گراف هيٺ آيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ نَون بلندين کي ڇُهي رهي آهي، غريب ماڻهو خوشحاليءَ جي زندگي بسر ڪري رهيو آهي. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏئي اهو ثابت ڪيو ته پاڪ فوج بهادر ۽ دنيا جي باصلاحيت فوج آهي. پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، ان هميشه خطي ۾ امن جي پرچار ڪئي پر جيڪڏهن پاڪستان تي ڪو دشمن بُري نظر وجهندو ته اسان جي قيادت ۽ سپهه سالار کي ان جو جواب ڏيڻ اچي ٿو. ڀارت کي پنهنجي طاقت تي وڏو تڪبر هو پر سندس تڪبر کي سياسي ۽ عسڪري قيادت بهترين حڪمت عمليءَ سان مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر چيو ته سعودي عرب جي ماڻهن کان پُڇو ته پاڪستان جي اُتي ڪيتري عزت آهي اسان خوشقسمت آهيون جو اسان کي سعودي عرب ۾ حرمين شريفين جي سيڪيورٽي جي ذميداري ملي آهي جتي وڃڻ لاءِ ماڻهو سِڪن ٿا. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ جيڪو دفاعي معاهدو ٿيو آهي اهو پاڪستان لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. هن چيو ته پاڪ سعودي معاهدي تحت اهو تصور ڪيو ويندو ته جيڪڏهن سعودي عرب تي ڪو حملو ڪري ٿو ته اهو پاڪستان تي حملو هوندو ۽ سعودي عرب چيو ته جيڪڏهن پاڪستان تي حملو ٿيو ته اهو سعودي عرب تي تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته دنيا ۾ ٻن ملڪن کان علاوه باقي سمورا ملڪ پاڪستان سان لاڳاپا چاهين ٿا، اسان ڀارت کي به چئون ٿا ته اچو خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ميز تي ويهي ڳالهيون ڪريون.











