اسلام آباد _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي شهر ليهه ۾ جاري مظاهرن دوران مظاهرين جي مارجڻ کي انتهائي پريشان ڪندڙ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ ليهه ۾ مظاهرين جي مارجڻ بابت ميڊيا جي سوالن جي ردعمل ۾ چيو ته اسان صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ اهو ته ليهه جي تازي …
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي شهر ليهه ۾ مظاهرين جو مارجڻ انتهائي پريشان ڪندڙ قرار

مزید خبریں
اسلام آباد _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي شهر ليهه ۾ جاري مظاهرن دوران مظاهرين جي مارجڻ کي انتهائي پريشان ڪندڙ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ ليهه ۾ مظاهرين جي مارجڻ بابت ميڊيا جي سوالن جي ردعمل ۾ چيو ته اسان صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ اهو ته ليهه جي تازي صورتحال انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. ترجمان چيو ته ڀارتي عملدار احتجاج کي روڪڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا. هن چيو ته اها صورتحال والاريل علائقي ۾ ڀارت جي ٻٽي رويي جو هڪ ٻيو مظهر آهي.











