پاڪستان پاران خلائي ميدان ۾ هڪ نئون انقلابي قدم، جديد سيٽلائيٽ خلا ۾ اماڻڻ جي تياري مڪمل

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان خلائي ميدان ۾ هڪ ٻيو انقلابي قدم کڻندي جديد سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي، پاڪستان آڪٽوبر 2025ع ۾ پهريون جديد هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ خلا ۾ روانو ڪندو، پاڪستان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ مسلسل ترقي جي راهه تي گامزن آهي. پاڪستان آڪٽوبر 2025ع ۾ پهريون جديد هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ خلا ۾ روانو ڪندو، هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ معدني …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان خلائي ميدان ۾ هڪ ٻيو انقلابي قدم کڻندي جديد سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي، پاڪستان آڪٽوبر 2025ع ۾ پهريون جديد هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ خلا ۾ روانو ڪندو، پاڪستان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ مسلسل ترقي جي راهه تي گامزن آهي. پاڪستان آڪٽوبر 2025ع ۾ پهريون جديد هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ خلا ۾ روانو ڪندو، هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ معدني وسيلن جي ڳولا ۽ زراعت جي ترقي ۾ نيون راهون کوليندو، جديد سيٽلائيٽ، ٻوڏ جي نگراني، گليشيئر پگهرجڻ ۽ فضائي گدلاڻ تي تحقيق جي صلاحيت وڌائيندو، جديد هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ اسپارڪو جي قيادت هيٺ تيار ڪيو ويو آهي. اسپارڪو جي چيئرمين محمد يوسف خان موجب هي سيٽلائيٽ معدنيات، ٻوٽن، مٽي ۽ پاڻي جي معيار جا درست انگ اکر شمار فراهم ڪندو. سالن ۾ ٿيندڙ سروي هاڻي ڪجهه ڏينهن  ۾ مڪمل ڪري سگهبيون، پاڪستان جو هي قدم قدرتي وسيلن جي موثر استعمال جي راهه هموار ڪندو. اسپارڪو جي چيئرمين چيو ته هي ٽيڪنالاجي پاليسي سازن ۽ محققن کي وقت سر ۽ ثبوتن تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اسپارڪو جهڙا قومي ادارا ملڪي مفاد ۽ عالمي معيار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ خلائي ٽيڪنالاجي جو هڪ مضبوط مرڪز بڻجڻ طرف وڌي رهيو آهي.

مزید خبریں