اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) هائوسنگ واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته هائوسنگ اينڊ ريئل اسٽيٽ شعبي جي ترقيءَ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار تي ٿورائتا آهيون. حڪومت شفاف وسيلن جي مؤثر استعمال ۽ جديد ڊيٽا تي ٻَڌل نظام ذريعي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. وزارت مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ اي ڊي بي جي وفد سان …
حڪومت شفاف ۽ وسيلن جي مؤثر استعمال ۽ جديد ڊيٽا تي ٻَڌل سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي: ميان رياض حسين پيرزاده

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) هائوسنگ واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته هائوسنگ اينڊ ريئل اسٽيٽ شعبي جي ترقيءَ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار تي ٿورائتا آهيون. حڪومت شفاف وسيلن جي مؤثر استعمال ۽ جديد ڊيٽا تي ٻَڌل نظام ذريعي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. وزارت مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ اي ڊي بي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ اي ڊي بي هيڊ ڪوارٽرز مان سينيئر هائوسنگ اسپيشلسٽ مسٽر هونگ سو ۽ اي ڊي بي پاڪستان ريزيڊنٽ مشن جي يونٽ هيڊ اربن/ليڊ آفيسر ميان شوڪت شفي سميت ٻيا نمائندا شامل هئا. ملاقات ۾ گڏيل تعاون جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. خاص ڪري لينڊ ڊيٽا بئنڪ جي قيام تي جنهن کي وفاقي وزير اثاثن جي جامع رڪارڊ لاءِ تيار ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ اهم هنڌن تي موجود زمينن تي توجهه ڏني ويندي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته هائوسنگ ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر جي ترقي ۾ اي ڊي بي جي تعاون تي ٿورائتا آهيون. هن حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪيو ته شفافيت وسيلن جي مؤثر استعمال ۽ جديد ڊيٽا تي ٻَڌل نظامن ذريعي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن انهن منصوبن ۾ اي ڊي بي جي مالي ۽ فني تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. ان موقعي تي هائوسنگ واري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ وضاحت ڪئي ته لينڊ ڊيٽا بئنڪ جو مقصد وفاقي حڪومت جي اثاثن جو درست ۽ رسائيءَ جوڳي ڊيٽا تيار ڪرڻ آهي.











