اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته سامونڊي ماحولياتي پائيداري، معيشت ۽ سلامتي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، ان لاءِ ان جو تحفظ وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. وزارت طرفان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن ورلڊ ميري ٽائيم ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سمنڊن …
سامونڊي ماحولياتي جٽاداري، معيشت ۽ سلامتي اهم حيثيت رکي ٿي: محمد جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته سامونڊي ماحولياتي پائيداري، معيشت ۽ سلامتي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، ان لاءِ ان جو تحفظ وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. وزارت طرفان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن ورلڊ ميري ٽائيم ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سمنڊن جي تحفظ لاءِ فوري ۽ـ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن خبردار ڪيو ته آبهوا جي تبديلي ۽ گدلاڻ سبب سمنڊ شديد دٻاءُ جو شڪار آهي. هن ورلڊ ميري ٽائيم ڊي 2025ع جي موضوع ”اسان جو سمنڊ، اسان جي ذميداري، اسان جو موقعو“ کي اجاگر ڪندي چيو ته شپنگ انڊسٽري کي پائيدار روين کي اختيار ڪرڻو پوندو ته جيئن معاشي ۽ ماحولياتي فائدن کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته پلاسٽڪ، ڪچرو، صنعتي ۽ـ گهريلو گند ڪچرو، سمنڊ جي سطح ۾ واڌ ۽ تيزابيت جهڙا مسئلا نه صرف سامونڊي جيوت پر سامونڊي ڳوٺن لاءِ به سنگين خطرو آهن. هن چيو ته پاڪستان عالمي ماحولياتي ۽ سامونڊي معاهدن تي عملدرآمد لاءِ پُرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ مينگروز جي بحالي ۽ـ ڌُٻڻ وارن علائقن جي تحفظ جهڙا منصوبا جاري آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي جاگرافيائي حيثيت ان کي ترقيءَ جي موقعن سان وڏي ذميداري به لاڳو ڪري ٿي. خطي ۾ تعاون، سائنسي تحقيقي ۽ عوامي آگاهي کي هٿي وٺرائڻ وقت جي ضرورت آهي ته جيئن وڌندڙ سامونڊي چئلينجز جو مقابلو ڪري سگهجي. وفاقي وزير زور ڀريو ته نوجوانن، عورتن ۽ مقامي برادرين کي سامونڊي شعبي ۾ وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن انيڊڙ نسلن لاءِ سمنڊ محفوظ ۽ ترقيءَ جو ضامن بڻجي سگهي. هن قومي قدمن تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان ميري ٽائيم هفتو پهرين کان 7 نومبر تائين ملهايو ويندو، جنهن ۾ سمورا حصيدار ۽ ادارا شريڪ ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت گڏاڻي شپ ري سائيڪلنگ يارڊز کي هانگ ڪانگ ڪنوينشن موجب بڻائڻ، وزارت ۾ جديد مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل ميري ٽائيم سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ ۽ سي پورٽس جي ڊجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جو ٻيڙو هڪ سال ۾ 30 جهازن تائين وڌايو ويندو جڏهن ته ميري ٽائم انڪيوبيٽرز جو قيام، ملڪ جي شمسي توانائي سان هلندڙ پهرين ماهيگيري ٻيڙي ۽ ڪراچي پورٽ تي ڊجيٽل آلودگي ڪنٽرول سسٽم پڻ متعارف ڪرايو ويندو. هن ٻُڌايو ته خاص اڪنامڪ زونز ۾ سائنسي سروي ڪرايا ويندا ۽ گوادر پورٽ ۽ فري زون کي انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جي معارن موجب اختيار ڪيو ويندو. وفاقي وزير ماهيگيرن، مهاڻن، سائنسدانن، ماحوليات جي ماهرن ۽ بندرگاهي عملي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جن جي مسلسل ڪوششن ورلڊ بئنڪ ٽائيم ڊي جي اصل روح کي اجاگر ڪري ٿي.











