ويجهڙ ۾ ڪنهن به نئين ايس آر او ذريعي انڪم ٽيڪس ريٽرن فارم 2025ع ۾ ڪا تبديلي يا ترميم متعارف ناهي ڪرائي: ايف بي آر جي وضاحت

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) فيڊرل بورڊ آف روينيو چيو آهي ته ايف بي آر ويجهڙ ۾ ڪنهن به نئين ايس آر او ذريعي انڪم ٽيڪس ريٽرن فارم 2025ع ۾ ڪا تبديلي يا ترميم متعارف ناهي ڪرائي. جاري بيان موجب ايف بي آر جي ترجمان چيو آهي ته ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪجهه ڌُريون مختلف سوشل ميڊيا گروپس تي انڪم ٽيڪس ريٽرن 2025ع جي حوالي سان غلط ڄاڻ …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) فيڊرل بورڊ آف روينيو چيو آهي ته ايف بي آر ويجهڙ ۾ ڪنهن به نئين ايس آر او ذريعي انڪم ٽيڪس ريٽرن فارم 2025ع ۾ ڪا تبديلي يا ترميم متعارف ناهي ڪرائي. جاري بيان موجب ايف بي آر جي ترجمان چيو آهي ته ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪجهه ڌُريون مختلف سوشل ميڊيا گروپس تي انڪم ٽيڪس ريٽرن 2025ع جي حوالي سان غلط ڄاڻ ڦهلائي رهيون آهن. ان سلسلي ۾ وضاحت ڪئي وڃي ٿي ته ايف بي آر ويجهڙ ۾ ڪنهن به نئين ايس آر او ذريعي انڪم ٽيڪس ريٽرن فارم 2025ع ۾ ڪابه تبديلي يا ترميم متعارف ناهي ڪرائي. هن سال ايف بي آر انڪم ٽيڪس ريٽرن فارم 7 جولاءِ تي ئي پنهنجي ويب سائٽ تي جاري ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ واضح طور تي صفحي 66 تي اثاثن جي مارڪيٽ ويليو جي داخلا ڪرڻ ضرور قرار ڏنو ويو. ترجمان ٻُڌايو ته هاڻ تائين جمع ڪرايل انڪم ٽيڪس گوشوارن جي پڙتال سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته گهڻا ماڻهو پنهنجن اثاثن جي مارڪيٽ ويليو جي خانن ۾ ٻڙي داخل ڪري رهيا آهن، جنهن کي روڪيو ويو آهي ته جيئن صحيح ڄاڻ داخل ٿي سگهي. هتي اها وضاحت به ضروري آهي ته جائداد جي مارڪيٽ ويليو جي داخلا مڪمل طور تي ٽيڪس گذار جي صوابديد تي آهي ۽ـ ان لاءِ ڪنهن تحقيق يا حساب جي ضرورت ناهي سواءِ انهن امير ماڻهن جيڪي پهرين ئي شق سيون اي جي حوالي سان ڄاڻ داخل ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ ٻين ماڻهن لاءِ اها ڄاڻ ٽيڪس جو حساب لڳائڻ بابت ناهي ان لاءِ ان ۾ ڪنهن غلطيءَ سبب ٽيڪس جو ڪو نوٽيس جاري نه ٿيندو. پر اميد ڪئي وڃي ته ٽيڪس گذار ماڻهو پنهنجن اثاثن جي ماليت کي پنهنجي ڄاڻ موجب مارڪيٽ ويليو جي تمام ويجهو ڊڪليئر ڪندا. ترجمان وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته جن ٽيڪس ڏيندڙن پهرين ئي پنهنجا گوشوارا جمع ڪرايا آهن، انهن کان ٻيهر ان ۾ ترميم ڪرڻ يا ري فائل ڪرڻ جو نه چيو ويندو ڇاڪاڻ ته اثاثن جي مارڪيٽ ويليو جي داخلا نه ته ٽيڪس جي حساب لاءِ استعمال ٿيندا ۽ نه ئي ويلٿ اسٽيٽ منٽ جي Reconciliation لاءِ ان کي غور هيٺ آندو ويندو. انڪم ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ لاءِ آئرس سسٽم مڪل طور تي فعال آهي ۽ صحيح ڪم ڪري رهيو آهي، تنهنڪري ٽيڪس ڏيندڙن کي تاڪيد ڪئي وڃي ٿي ته هو پنهنجا انڪم ٽيڪس گوشوار جلد کان جلد جمع ڪرائين ڇاڪاڻ ته انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر آهي.

مزید خبریں