اسلام آباد - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن (نيپا) لاهور ۾ تربيت هيٺ سينيئر آفيسرن تي ٻڌل وفد پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) جو دورو ڪيو. اهو دورو 44هين مڊ ڪيئريئر مئنيجمينٽ ڪورس (ايم سي ايم سي) جي ان لينڊ اڀياسي دوري جو حصو هو جنهن جو مقصد شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ سرڪاري خريداري ۽ اداراجاتي سڌارن کان سڌوسنئون روشناس ڪرائڻ هو. پيپرا جي …
نيپا لاهور ۾ تربيت هيٺ سينيئر آفيسرن تي ٻڌل وفد جو پيپرا جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن (نيپا) لاهور ۾ تربيت هيٺ سينيئر آفيسرن تي ٻڌل وفد پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) جو دورو ڪيو. اهو دورو 44هين مڊ ڪيئريئر مئنيجمينٽ ڪورس (ايم سي ايم سي) جي ان لينڊ اڀياسي دوري جو حصو هو جنهن جو مقصد شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ سرڪاري خريداري ۽ اداراجاتي سڌارن کان سڌوسنئون روشناس ڪرائڻ هو. پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي وفد جي آجيان ڪئي ۽ اٿارٽي جي مختلف پروگرامن ۽ سڌارن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي نئين پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2025ع جي تياري، سرڪاري ادارن ۾ پروڪيورمنٽ سيلز قائم ڪرڻ جي لاءِ جاري ڪوششن ۽ نگراني کي موثر بڻائڻ جي لاءِ غيرجانبدار ۽ آزاداڻي ڇنڊڇاڻ جي نظام بابت آگاهي ڏني. پيپرا جي ايم ڊي وفاق ۽ صوبائي سطح تي لاڳو ڪيل اي پاڪ ايڪوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم (اي پيڊز) بابت تفصيلي معلومات فراهم ڪندي ان کي شفافيت ۽ احتسابي عمل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو. هن وفد کي پيپرا جي آگاهي مهم، ڌرين سان رابطي ۽ صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ جاري پروگرامن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته سرڪاري ادارن جي اهلڪارن ۽ ڪنٽريڪٽرز جي تربيت جو سلسلو لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمز)، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي)، نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جهڙن ناليواري تعليمي ادارن ۽ عالمي حصيدارن بشمول ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) ۽ يو اين ڊي پي جي تعاون سان جاري آهي. ان موقعي تي حسنات قريشي گڊ گورننس جي لاءِ پيپرا جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته اي پيڊز جي لاڳو ۽ نئين پروڪيورمنٽ قانونن جي ذريعي اسان سرڪاري خريداري ۾ شفافيت، چٽاڀيٽي ۽ سرڪاري فنڊز جي صحيح استعمال کي اداراجاتي سطح تي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم هڪ واضح ويزن ڏنو آهي ته سرڪاري خريداري جي سمورن مرحلن کي مڪمل طور تي ڊيجيٽائيز ڪيو وڃي ته جيئن اهو نظام شفاف، موثر ۽ منصفاڻو ٿئي، انهي سان گڏ اسان هڪ اهڙو ڊيجيٽل نظام جوڙي رهيا آهيون جيڪو ڪيش ليس اڪانومي کي فروغ ڏي ۽ عوامي ڏيتي ليتي کي تيز، محفوظ ۽ اعتماد جوڳو بڻائي. نيپا جي وفد ۾ مختلف وفاقي ۽ صوبائي ادارن جا 15 آفيسر ۽ هڪ فيڪلٽي ميمبر شامل هو. دوري جي پڄاڻي سوالن جوابن جي ويهڪ ۾ شرڪت ڪندڙن پنهنجي ادارن ۾ خريداري جي لاڳو بابت چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











