اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي برادر ملڪ بحرين جو جهاز بوئنگ 707 ايف ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويو، امدادي سامان ۾ 392 خصوصي خيما ۽ 13 اليڪٽرڪ جنريٽرز شامل آهن. تفصيل موجب مشڪل جي ان گهڙي ۾ برادر ملڪ بحرين پاڪستان جي مدد لاءِ اڳڀرو آهي ۽ هن هنگامي بنيادن تي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد موڪلي آهي جنهن ۾ 392 خصوصي …
بحرين جو جهاز ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي برادر ملڪ بحرين جو جهاز بوئنگ 707 ايف ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويو، امدادي سامان ۾ 392 خصوصي خيما ۽ 13 اليڪٽرڪ جنريٽرز شامل آهن. تفصيل موجب مشڪل جي ان گهڙي ۾ برادر ملڪ بحرين پاڪستان جي مدد لاءِ اڳڀرو آهي ۽ هن هنگامي بنيادن تي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد موڪلي آهي جنهن ۾ 392 خصوصي خيما، 13 اليڪٽرڪ جنريٽرز شامل آهن. ان کانسواءِ پاڻي صاف ڪندڙ 65 پمپ، 1660 ڪمبل ۽ 3180 پلاسٽڪ ميٽس به شامل آهن. امدادي سامان ۾ بحرين طرفان موڪليل 416 فوڊ پيڪيجز به شامل آهن. بحرين طرفان مليل امداد جي ورهاست جو مرحلو متاثر علائقن ۾ جلد شروع ٿيندو، ٻوڏ متاثرن لاءِ هي رليف پئڪيج بحرين ۽ پاڪستان جي لازوال دوستي ۽ يڪجهتي جو هڪ روشن مثال آهي.











