اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 98 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 97 هزار 700ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 16 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل …
دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي صورتحال

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 98 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 97 هزار 700ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 16 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 71 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 71 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 17هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار ڪيوسڪ چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 33 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 21 هزار 200 ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 5.728ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1240.35 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 7.142 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 649.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.311ملين ايڪڙ فوٽ آهي.











