اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري صحافين، ايڊيٽرز، پبلشرز ۽ انهن سمورن ماڻهن کي جن صحافت جي عظيم پيشي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري رکيو آهي، کي نيشنل نيوز پيپر ريڊرشپ ڊي تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. اهڙو اظهار هن نيشل نيوز پير ريڊرشپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي ان …
صدر پاران صحافين، ايڊيٽرز، پبلشرز ۽ انهن سمورن ماڻهن کي نيشنل نيوز پيپر ريڊرشپ ڊي تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري صحافين، ايڊيٽرز، پبلشرز ۽ انهن سمورن ماڻهن کي جن صحافت جي عظيم پيشي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري رکيو آهي، کي نيشنل نيوز پيپر ريڊرشپ ڊي تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. اهڙو اظهار هن نيشل نيوز پير ريڊرشپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي ان قدم کي ساراهيان ٿو جيڪي هو سڄي ملڪ ۾ اخبار پڙهڻ جي ڪلچر جي حوصلا افزائي لاءِ هر سال ان ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ ڪن ٿا. صدر مملڪت چيو ته منهنجو پختو يقين آهي ته باخبر شهري هڪ متحرڪ جمهوريت جو بنياد آهي، جڏهن شهرين کي قابل اعتماد معلومات تائين رسائي حاصل ٿيندي ته هو نه رڳو چونڊن پر زندگي جي هر شعبي ۾ بهتر چونڊ ڪرڻ جو اختيار رکن ٿا. هن چيو ته تحريڪ پاڪستان جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين اخبارون اسان جي قومي ڳالهين ۾ مرڪزي حيثيت رکن ٿيون، اخبارن ماڻهن کي آگاهي ۽ نانصافين کي بي نقاب ڪيو، بحث لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪيو ۽ عوام جي ڄاڻڻ جي حق کي برقرار رکيو. صدر مملڪت چيو ته ان انمول خدمت لاءِ صحافين جا نسل اسان جي احترام جا مستحق آهن. هن چيو ته هڪ اخبار معلومات جي ذميوار وهڪري کي ضمانت ڏي ٿي، ايڊيٽر جو ادارو اهو فيصلو ڪري ان ذميواري کي يقيني بڻائي ٿو ته ڪهڙين شين کي نمايان ڪرڻ گهرجي ۽ ڪهڙين شين کي ڇڏڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته سوشل ميڊيا جي اچڻ سان پروفيشنل ايڊيٽر جو ڪردار زوال پذير آهي جنهن سان غلط معلومات ۽ پروپيگنڊا کي جنم ملي ٿو. هن چيو ته اخبارن جي ذميواراڻي صحافت جا قدر اڄ اڃان وڌيڪ قيمتي آهن. هن چيو ته اڄ جي تيز رفتار ڊجيٽل دور ۾ جتي خبرن جي تصديق کان پهرين ئي اڪثر خبرون گردش ڪنديون آهن، اخبارون اعتماد جي علامت بڻيل آهن. صدر چيو ته اخبارون حقيقت ۽ سوچيل سمجهيل تجزيو فراهم ڪن ٿيون جنهن سان پڙهندڙن کي نه رڳو اهو سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي ته ڇا ٿيو پر هي ڇو اهم آهي، هن چيو ته جيتوڻيڪ آئون ان ڳالهه کي تسليم ڪريان ٿو ته انڊسٽري کي سخت چئلينجز درپيش آهن پر اهو ڏسي خوشي ٿي ته سڄي دنيا جون بهترين اخبارون نه رڳو زنده رهيون پر وڌي ويجهي رهيون آهن. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته اسان جون اخبارون به اهڙو ئي ڪري سگهن ٿيون، هو حڪومتي امداد يا وڏي ڪاروباري سرپرستي جي انتظار ۾ نه پر انهن ماڻهن جي اعتماد ۽ وفاداري تي ڀروسو ڪن جن جي ڄاڻن جو حق انهن نسل در نسل سرانجام ڏنو آهي. صدر نوجوانن کي اخبار پڙهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪندي تعليمي ادارن تي زور ڀريو ته هوشاگردن ۾ اخبار پڙهڻ جي حوصلا افزائي ڪن. هن پرنٽ ميڊيا تي به زور ڀريو ته هو اخلاقيات، غيرجانبداري ۽ ذميواري جي اعليٰ ترين معيارن کي برقرار رکن. صدر آصف علي زرداري چيو ته جمهوريت لاءِ پريس جي آزادي ضروري آهي، پر ان جو استعمال هميشه سچائي، توازن ۽ انصاف سان هجڻ گهرجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ملڪ ۾ اخبارون پرهندڙن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو رهندو جيڪو وڌيڪ باخبر، فڪر مند ۽ جمهوري پاڪستان بڻائڻ ۾ اسان جي مدد ڪندو.











