اخبارون پارليامينٽ ۽ عوام وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿيون: سردار اياز صادق

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اخبار پڙهڻ جي عالمي ڏينهن تي آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي ۽ صحافي برادري کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اخبارون نه رڳو خبرن جو اعتماد جوڳو ذريعو آهن پر هي قومي شعور ۽ فڪر جو پڻ مضبوط ترين ٿنڀ آهن، اخبارون پارليامينٽ ۽ عوام وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اخبار پڙهڻ جي عالمي ڏينهن تي آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي ۽ صحافي برادري کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اخبارون نه رڳو خبرن جو اعتماد جوڳو ذريعو آهن پر هي قومي شعور ۽ فڪر جو پڻ مضبوط ترين ٿنڀ آهن، اخبارون پارليامينٽ ۽ عوام وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته اخبار پڙهندڙ جو ڏينهن صحافين، ايڊيٽرز ۽ ميڊيا ادارن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن پارليامينٽ ۾ ٿيل قانونسازي کي عوام تائين پهچائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته باخبر ۽ باشعور شهري جمهوريت جو اصل بنياد آهن، اخبارن هميشه عوام کي حقيقت کان آگاهي ڏني آهي ۽ ناانصافين کي بي نقاب ڪيو آهي. سوشل ميڊيا جي موجوده دور ۾ ذميواراڻي صحافت جا قدر  وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پرنٽ ميڊيا تي غيرجابنداري، اخلاقيات ۽ ذميواري جي اعليٰ معيارن کي برقرار رکڻ جي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، صحافتي آزادي جمهوري معاشري جو اثاثو آهي. هن چيو ته اخبارن جو وڌندڙ مطالعو هڪ باشعور، مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان جي ضمانت آهي، اسپيڪر اخباري صنعت جي ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.

مزید خبریں