بيلاروس سان ٽريڪٽر سازي بابت معاهدو زراعت ۽ آبادگارن لاءِ وڌيڪ پيداوار جو سبب بڻجندو: هارون اختر خان

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته بيلاروس سان ٽريڪٽر سازي بابت معاهدو زراعت ۽ آبادگارن لاءِ وڌيڪ پيداوار جو سبب بڻجندو، اعليٰ هارس پاور ٽريڪٽرز جو مقامي سي ڪي ڊي پلانٽ بڻائڻ لاءِ سيڙپڪاري کي يقيني بڻائينداسين. هن اها ڳالهه ٽريڪٽر مينوفيڪچررز سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چئي جنهن ۾ پرائيويٽ ٽريڪٽر انويسٽرز، مارگلا هيوي انڊسٽريز …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته بيلاروس سان ٽريڪٽر سازي بابت معاهدو زراعت ۽ آبادگارن لاءِ وڌيڪ پيداوار جو سبب بڻجندو، اعليٰ هارس پاور ٽريڪٽرز جو مقامي سي ڪي ڊي پلانٽ بڻائڻ لاءِ سيڙپڪاري کي يقيني بڻائينداسين. هن اها ڳالهه ٽريڪٽر مينوفيڪچررز سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چئي جنهن ۾ پرائيويٽ ٽريڪٽر انويسٽرز، مارگلا هيوي انڊسٽريز لميٽيڊ، هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا ۽ گرين ڪارپوريٽ انيشيٽوز جا نمائندا به شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ 57 کان 80 هارس پاور بيلاروس ٽريڪٽر اسيمبل لائن پاڪستان ۾ قائم ڪرڻ تي غور ٿيو. هن چيو ته بيلاروس سان ٽريڪٽرز جي حوالي سان معاهدو زراعت ۽ آبادگارن لاءِ وڌيڪ پيداوار جو سبب بڻجندو. هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ 2800 يونٽس جو مارڪيٽ پوٽينشنل موجود آهي، ڪجهه سيڙپڪاري بيلاروس ٽريڪٽرز ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا ۽ ان حوالي سان وڌيڪ اڳيان وڌندا ۽ سيڙپڪاري ڪندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ بزنس ٽو بزنس تعلق ٽريڪٽر اسيمبل ۾ گيم چينچر ٿيندو.

مزید خبریں