راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي)چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا (نشان امتياز ملٽري) سان ملائيشيا جي چيف آف ڊفينس فورسز جنرل تان سري ايڇ جي محمد نظام بن ايڇ جي جعفر جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي ڌُرين عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي بدلجندڙ ماحول تي جامع ڳالهيون ڪيون ۽ دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل فائديمند سهڪار لاءِ نيون راهون تلاش ڪرڻ …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان ملائيشيا جي چيف آف ڊفينس فورسز جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي)چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا (نشان امتياز ملٽري) سان ملائيشيا جي چيف آف ڊفينس فورسز جنرل تان سري ايڇ جي محمد نظام بن ايڇ جي جعفر جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي ڌُرين عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي بدلجندڙ ماحول تي جامع ڳالهيون ڪيون ۽ دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل فائديمند سهڪار لاءِ نيون راهون تلاش ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ٻنهي عسڪري اڳواڻن علائقائي سلامتي جي اُڀرندڙ حالتن جي روشنيءَ ۾ عسڪري سطح تي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. معزز مهمان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي معيار، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سندن ڪاميابين ۽ قربانين ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي ٽنهي هٿياربند فوج جي چست جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.











