اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) امپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت شروعاتي طور صرف اهي گاڏيون امپورٽ ڪري سگهبيون جيڪي 5 سالن کان پُراڻيون نه هجن. هي شرط 30 جون 2026ع تي لاڳو رهندو، جنهن کان پوءِ گاڏين جي عمر جي حد ختم ڪئي ويندي، پنجن سالن کان گهٽ پُراڻيون استعمال ٿيل گاڏين جي واپاري …
اي سي سي امپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، شروعاتي طور صرف اهي گاڏيون امپورٽ ڪري سگهبيون جيڪي 5 سالن کان پُراڻيون نه هجن، واپاري امپورٽ تي موجوده ڪسٽم ڊيوٽي کان علاوه 40 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي به منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) امپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت شروعاتي طور صرف اهي گاڏيون امپورٽ ڪري سگهبيون جيڪي 5 سالن کان پُراڻيون نه هجن. هي شرط 30 جون 2026ع تي لاڳو رهندو، جنهن کان پوءِ گاڏين جي عمر جي حد ختم ڪئي ويندي، پنجن سالن کان گهٽ پُراڻيون استعمال ٿيل گاڏين جي واپاري امپورٽ تي موجوده ڪسٽم ڊيوٽي کان علاوه 40 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. اي سي سي جو اجلاس ڪالهه هتي منعقد ٿيو. ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب نيويارڪ مان اجلاس جي ورچوئل صدارت ڪئي. اجلاس ۾ استعمال ٿيل گاڏين جي واپاري امپورٽ بابت سمري تي غور ڪيو ويو ۽ تفصيلي بحث کانپوءِ سفارشن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ استعمال ٿيل گاڏين جي واپاري امپورٽ جي اجازت لاءِ امپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت شروعاتي طور صرف اهي گاڏيون امپورٽ ڪري سگهبيون جيڪي 5 سالن کان پُراڻيون نه هجن. هي شرط 30 جون 2026ع تي لاڳو رهندو، جنهن کان پوءِ گاڏين جي عمر جي حد ختم ڪئي ويندي. ڪميٽيءَ وڌيڪ هدايت ئي ته اهڙي واپاري امپورٽ صرف ماحولياتي ۽ حفاظتي معيارن تي سختيءَ سان عملدرآمد تحت ئي ممڪن ٿيندي. اي سي سي پنجن سالن کان گهٽ پُراڻي استعمال ٿيل گاڏين جي واپاري امپورٽ تي موجوده ڪسٽم ڊيوٽي کان علاوه 40 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، اها اضافي ڊيوٽي 30 جون 2026ع تائين لاڳو رهندي، جنهن کان پوءِ هر سال 10 سيڪڙو پوائنٽس گهٽتائي ڪئي ويندي ۽ ٽيرف پاليسي بورڊ جي سفارش موجب 30-2029ع تائين ان کي ٻڙيءَ تي آندو ويندو. اجلاس ۾ ڪابينه ڊويزن طرفان پيش ڪيل هڪ ٻي سمري تي غور کانپوءِ پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي لاءِ 80 ڪروڙ رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري به ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير رانا تنوير حسين، توانائيءَ وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل کاتن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











