اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پولينڊ جي سفير ماسيج پسارسڪي (Macij Pisarski) واپار واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اها ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي جڏهن پاڪستن جي سفارتي سرگرمين ۾ تيزي آئي آهي جنهن ۾ آسيان ملڪن جي …
واپار واري وفاقي وزير سان پولينڊ جي سفير جي ملاقات، واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پولينڊ جي سفير ماسيج پسارسڪي (Macij Pisarski) واپار واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اها ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي جڏهن پاڪستن جي سفارتي سرگرمين ۾ تيزي آئي آهي جنهن ۾ آسيان ملڪن جي سفيرن جون تازيون ملاقاتون ۽ سعودي عرب سان واپاري روڊ ميپ تي جاري ڪم شامل آهي. وفاقي وزير پولينڊ جي مشهور انرجي ڪمپني اورلين (ORLEN) (اڳوڻي پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني) جي پاڪستان ۾ موجودگي کي هڪ ڪاميابي قرار ڏنو. هي ڪمپني گذريل 26 سالن کان پاڪستان جي سنڌ، بلوچستان بيلٽ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار ۾ اٽڪل 50 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري چڪي آهي ۽ ايندڙ 10 سالن ۾ ان سيڙپڪاري کي ٻيڻو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. پولينڊ جي سفير ٻڌايو ته اورلين جي نئين دريافتن سميت بران ۽ سر مزاراني وسٽ جي بلاڪس موجوده ڪرتان جبلن جي سرگرمين سان جڙيل آهن ۽ انتهائي حوصلي وارا آهن. هن ڪجهه التوا ۾ پيل مسئلن کي به اجاگر ڪيو جنهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. واپار واري وزير خاطري ڪرائي ته سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ بنا رنڊڪ جي ڪم کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان انهن معاملن کي حل ڪيو ويندو. واپار واري وزير پولينڊ جي ڪمپنين کي گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪولڊ اسٽوريج، ميون جي حفاظت، ويڪسنگ، گريڊنگ ۽ گدامن جون سهولتون قائم ڪرڻ لاءِ پبلڪ ۽پرائيويٽ شعبي سان حصيداري جي دعوت ڏني. هن اي ڊي ايف جي سولر پاورڊ مرچ خشڪ ڪرڻ جي منصوبي کي اهڙي ڪامياب مثال طور پيش ڪيو جنهن کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويو. پولينڊ جي سفير ان تجويز جي آجيان ڪندي چيو ته پولينڊ جي گدام سازي ۽ لاجسٽڪس ۾ مهارت پاڪستان کي ٽرانسپورٽيشن لاڳت گهٽ ڪرڻ ۽ روانگي واپار جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. واپار واري وزير چيو ته پولينڊ جي مهارت ۽ پاڪستان جي گهٽ لاڳت ڪچي مال ۽ افرادي قوت جي ملڻ سان ٻنهي ملڪن لاءِ وڏو قدر پيدا ٿي سگهي ٿو. ڄام ڪمال خان چيو ته ايندڙ پنج سالن ۾ پاڪستان تيل ۽ گئس سان گڏوگڏ معدنيات ۽ کاڻين جي شعبي ۾ اڳڀرائي ڪندو ڇاڪاڻ ته بلوچستان ۾ ڪاپر، ليگنائيٽ ۽ ٻي معدنيات جا وسيع موقعا موجود آهن. پولينڊ جي سفير ٻڌايو ته پولينڊ دنيا ۾ ليگنائيٽ جو چوٿون ۽ ڪاپر جو اٺون وڏو پروڊيوسر آهي ۽ گڏيل منصوبن تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ملاقات ۾ ثقافتي تعاون تي به ڳالهه ٿي جنهن ۾ اسلام آباد جي هڪ روڊ جو نالو پولش ايئر ڪموڊور ولاديسيلا وتروفچ (Wadysaw Turovich) جي نالي تي رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي جيڪا 1948ع ۾ پاڪستان ايئر فورس جي قيام ۾ مددگار رهي ۽ ان کانپوءِ ڪراچي ۾ رهي، ٻنهي ڌرين ان گڏيل ورثي کي اجاگر ڪرڻ سان عوامي رابطا مضبوط ٿيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن اعليٰ سطحي ملاقاتن ۽ منصوبن ذريعي ٺوس قدم، معاهدا ۽ پراجيڪٽس کي حتمي شڪل ڏيڻ جو عزم ڪيو. واپار واري وزير زور ڀريو ته نظريات کي عملي جامو پارائڻ ضروري آهي ته جيئن پاڪستان جو ريگوليتري ۽ اداره جاتي تعاون سيڙپڪارن جي اميدن موجب هجي. ملاقات جي پڄاڻي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پولينڊ سان ڊگهي مدي واري ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل حصيداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. پولينڊ جي سفير پاڪستاني حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته وارسا اسلام آباد سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۾ اورلين جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل سفر اهو ثابت ڪيو ته استقامت ۽ حصيداري جو ميوو ملي ٿو. اسن چاهيون ٿا وڌيڪ پولش ڪمپنيون به ان رستي تي اچن.











