اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ناڻي ۽ محصولن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ناڻي واڌ جي خرچن کي مناسب بنائڻ جي هدايت، ڪميٽيءَ جي پاليسي فريم ورڪ تي نظرثاني جي تجويز ڏني آهي. ناڻي بابت مملڪتي وزير ڪميٽيءَ کي خاطري ڪرائي ته معاملي جو اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ڀائيوارن سان جائزو ورتو ويندو. سينيٽ جي ناڻي ۽ محصولن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر سليم …
سينيٽ جي ناڻي ۽ محصولن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ناڻي واڌ جي خرچن کي مناسب بنائڻ جي هدايت، ڪميٽيءَ جي پاليسي فريم ورڪ تي نظرثاني جي تجويز

مزید خبریں
اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ناڻي ۽ محصولن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ناڻي واڌ جي خرچن کي مناسب بنائڻ جي هدايت، ڪميٽيءَ جي پاليسي فريم ورڪ تي نظرثاني جي تجويز ڏني آهي. ناڻي بابت مملڪتي وزير ڪميٽيءَ کي خاطري ڪرائي ته معاملي جو اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ڀائيوارن سان جائزو ورتو ويندو. سينيٽ جي ناڻي ۽ محصولن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اهم مالي ۽ ريگيوليٽري معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ حڪومت جي پيش ڪيل دي ورچوئل ايسيٽس بل 2025ع جو جائزو ورتو ويو. ان بل تي پوئين اجلاس ۾ ڳالهه ٿي چڪي هئي جڏهن ته ميمبرن هڪ ڀيرو ٻيهر لاڳاپيل عملدارن کان وڌيڪ وضاحت جي ضرورت تي زور ڀريو. ان لاءِ ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو ته تجويز ڪيل ريگيوليٽري اٿارٽي جي سربراهه طرفان ميمبرن کي بريفنگ ڏيڻ کانپوءِ بل تي وڌيڪ غور ڪيو ويندو. ڪميٽيءَ کي پاڪستان ريميٽنسز انيشيئٽو خاص طور تي ترغيبي اسڪيمن ۾ وقتن فوقتن ٿيل تبديلين، شرحن ۽ ان جي مالي اثرن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. سينيٽر سليم مانڊوي نشاندهي ڪئي ته هي پروگرام پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ بڻايو ويو هو پر اصل موڪليندڙ يا وصول ڪندڙن کي سڌيءَ ريت فائدي بجاءِ اڪثر فائدا بئنڪن ۽ مني ٽرانسفر آپريٽرز ڏانهن منتقل ٿي وڃن ٿا. هن زور ڀريو ته ناڻي واڌ جي خرچن کي مناسب بڻايو وڃي ته جيئن فائدو کڻندڙن کي وڌ کان وڌ رقم پهچي سگهي. ڪميٽيءَ تجويز ڏني ته پاليسي فريم ورڪ تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ گذيل 3 کان 4 سالن جي خرچن ۽ واپيسين جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. مملڪتي وزير خاطري ڪرائي ته معاملي جو اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ڀائيوارن سان جائزو ورتو ويندو ته جيئن طريقيڪار کي سادو بڻائي سگهجي ۽ بي ضابطگين کي روڪي سگهجي. ايف بي آر چيئرمين 16 جولاءِ 2025ع جي صدارتي آرڊر تي عملدرآمد نه هئڻ جي حوالي سان ڪميٽيءَ کي بريفنگ ڏني. ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهي جتي آئيني تشريحي ۽ قانوني گهرجن تي سوال اُٿاريا ويا آهن. ايف بي آر چيئرمين چيو ته اٽارني جنرل جي راءِ طلب ڪئي وئي آهي ۽ ڪميٽيءَ کي اڳڀرائيءَ کان اگاهه ڪيو ويندو. بحث کانپوءِ طئي ٿيو ته ڪميٽي ان معاملي تي ٻيهر غور ان وقت ڪندي جڏهن قانوني پوزيشن واضح ٿي ويندي. اجلاس ۾ سينيٽرز دلاور خان، فيصل واوڊا، عبدالقادر ۽ احمد خان کان علاوه ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير، ايف بي آر چيئرمين، قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل کاتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











