صحت جي ميدان ۾ پاڪستان پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سائنسدانن، مينيوفيڪچررز ۽ ريگيوليٽريءَ جي محنت سان صحت جي ميدان ۾ پاڪستان پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي، پارليامينٽ جي اولين ترجيح فارما انڊسٽريءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ترقيءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي. مستقبل جي حڪمت عملي ۾ جدت، سهڪار ۽ ڀائيواريءَ کي مرڪزي حيثيت ڏيڻي پوندي. اهڙو اظهار هن پاڪستان …

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سائنسدانن، مينيوفيڪچررز ۽ ريگيوليٽريءَ جي محنت سان صحت جي ميدان ۾ پاڪستان پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي، پارليامينٽ جي اولين ترجيح فارما انڊسٽريءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ترقيءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي. مستقبل جي حڪمت عملي ۾ جدت، سهڪار ۽ ڀائيواريءَ کي مرڪزي حيثيت ڏيڻي پوندي. اهڙو اظهار هن پاڪستان فارما جي اٺين سمٽ ۽ چوٿين فارما ايڪسپورٽ سمٽ اينڊ ايوارڊز 2025ع کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن سال جو موضوع ”صحت، ماحولياتي تبديلي ۽ لچڪ، بدلجندڙ دنيا لاءِ پاڪستان جي فارما انڊسٽريءَ جي تياري وقت سر نهايت ۽ اهم“ رکيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان فارما ايڪسپورٽ سمٽ اينڊ ايوارڊز ۾ ٽاپ 50 فارما ايڪسپورٽرز کي اعزازن سان نوازيو ويو جيڪا پاڪستان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. فارما ايڪسپورٽرز ۽ ڪمپنين جي ڪاميابي ملڪ ۽ قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته سائنسدانن، مينيوفيڪچررز ۽ ريگيوليٽريءَ جي محنت سان صحت جي ميدان ۾ پاڪستان پاڻڀرو طرف ٿيڻ وڌي رهيو آهي. گذريل مالي سال ۾ فارماسيوٽيڪل ايڪسپورٽس 457 ملين ڊالرن تائين پهتي، 34 سيڪڙو رڪارڊ واڌ ٿي جيڪي ٻه ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڏي اؤسر آهي. هن چيو ته پاڪستان اڄ پنهنجي دواسازي جي وڏي ضرورت مقامي پيداوار مان پوري ڪري رهيو آهي، اها قومي ڪاميابي آهي. پاڪستاني ڪمپنيون عالمي مارڪيٽن ۾ قدم ڄمائي رهيون آهن. هن چيو ته انڊسٽريءَ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڊجيٽل هيلٿ پليٽ فارمز ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو عمل دخل وڌي رهيو آهي، حڪومت APIs تي ڊيوٽيز ۾ گهٽتائي ۽ PharmEx Pakistan جهڙن قدمن سان سازگار ماحول فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي پهرين ترجيح فارما انڊسٽريءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ترقيءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي، فارما انڊسٽريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ قانونسازي ۽ پاليسي سازيءَ ۾ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. هن چيو ته عالمي ماهرن ۽ پرڏيهي نمائندن جي شرڪت پاڪستان جي فارما انڊسٽري تي دنيا جي اعتماد جو اظهار آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پارليامينٽ، حڪومت، صنعت، يونيورسٽين ۽ عالمي ڌُرين کي گڏجي ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ جدت لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جٽادار ترقي ئي ڊگهي مُدي واري لچڪ ۽ اعتماد جي ضمانت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي فارما انڊسٽري کربين ڊالرن جي عالمي مارڪيٽ ۾ وڏو حصو حاصل ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. هن پي پي ايم اي قيادت ۽ پيسا ايوارڊ کٽيندڙن کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته اوهان پاڪستان کي صحتمند ۽ مضبوط بڻائي رهيا آهيو، اڄ جو ڏينهن صرف ڪاميابين جو جشن ناهي پر گڏيل مقصد ۽ ذميداري جي تجديد آهي، اچو گڏجي پاڪستان کي عالمي هيلٿ ڪيئر ۾ هڪ اعتماد جوڳو نالو بڻايون.

مزید خبریں