ڊريپ ۽ قومي صحت واري وزارت گڏجي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيون آهن: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) ۽ قومي صحت واري وزارت گڏجي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيون آهن، ملڪي ترقي ۾ اسان کي پنهنجو حصو وجهڻو پوندو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اٺين پاڪستان فارما سمٽ اينڊ 4 فارما ايڪسپورٽ سمٽ اينڊ ايوارڊ (پي اي ايس اي) 2025ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن …

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) ۽ قومي صحت واري وزارت گڏجي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيون آهن، ملڪي ترقي ۾ اسان کي پنهنجو حصو وجهڻو پوندو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اٺين پاڪستان فارما سمٽ اينڊ 4 فارما ايڪسپورٽ سمٽ اينڊ ايوارڊ (پي اي ايس اي) 2025ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان سڀ گڏجي پنهنجو ڪم چڱي ريت سرانجام ڏئي سگهون ٿا، اسان کي پاڪستان لاءِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته صحت واري وزارت بنا ڪنهن موڪل جي ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، اسان کي پنهنجي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان کي ملڪ خاطر پنهنجي آسائشن مان نڪري سوچڻو پوندو، اسان کي صرف ڳالهيون ناهن ڪرڻيون پر ڪم ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو آهي جتي ملڪ جي بهتري جي ڳالهه ٿئي اتي اسان کي پنهنجو حصو وجهڻو پوندو، جيڪڏهن اسان اڳتي وڌنداسين ته پاڪستان اڳتي وڌندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ مختلف نون پراجيڪٽس تي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان انتظار ڪندا آهيون ته ماڻهو بيمار ٿين ۽ اسپتال اچن، اسان جي ماڻهن وٽ بنيادي سهولتون ناهن، ننڍين اسپتالن ۽ ڊسپينسرين جي سخت ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان ان پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن ماڻهن کي سندن گهر تي اهي سهولتون ملي سگهن، اسان وٽ مختلف ويڪسين موجود ناهن، فارما انڊسٽري کي ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هيلٿ ڪيئر اهڙي ٿي سگهي جنهن سان پاڪستان ۾ مريضن جو انگ گهٽ کان گهٽ ٿي وڃي.

مزید خبریں