ٿرڊ ڪنٽري آپريٽر جي منظوري،  پي آءِ اي جي سڌي ريت برطانيا ڏانهن  اڏام

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي برطانيا لاءِ ٿرڊ ڪنٽري آپريٽر (ٽي سي او) جي باضابطا منظوري ملي وئي جنهن کان پوءِ هاڻي پي آءِ اي  ايندڙ مهيني کان برطانيا لاءِ سڌي ريت آپريشن جي شروعات ڪندي.گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب پهرين مرحلي ۾ مانچسٽر لاءِ اڏامون هلايون وينديون جنهن کان پوءِ برمنگهم ۽ لنڊن نيٽ …

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي برطانيا لاءِ ٿرڊ ڪنٽري آپريٽر (ٽي سي او) جي باضابطا منظوري ملي وئي جنهن کان پوءِ هاڻي پي آءِ اي  ايندڙ مهيني کان برطانيا لاءِ سڌي ريت آپريشن جي شروعات ڪندي.گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب پهرين مرحلي ۾ مانچسٽر لاءِ اڏامون هلايون وينديون جنهن کان پوءِ برمنگهم ۽ لنڊن نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن برطانيا جي ٽرانسپورٽ واري کاتي پاران باقاعده طور تي پي آءِ اي کي آگاه ڪيو ويو. پي آءِ اي جي جامع منظوري ڏني وئي جنهن سان پي آءِ اي سڌي ريت اڏامون آپريٽ ڪندو نه صرف مسافر پر ڪارگو جهاز پڻ سڌي ريت اڏام ڪندا. برطانيا جي ٽرانسپورٽ واري کاتي پي آءِ اي کي سيڪيورٽي ۽ ڪارگو لاءِ پنجن سالن لاءِ اي سي سي ٿري سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو آهي. پي آءِ اي جي سي اي او وزيراعظم پاڪستان، پرڏيهي وزير ، دفاع واري وزير ۽ سول ايوي ايشن جي سرپرستي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو آهي. هن پي آءِ اي جي ٽيم جو پڻ شڪريو ادا ڪيو جنهن 5 سال ثابت قدمي سان ڪيترن ئي آڊٽس کي منهن ڏنو ۽ انهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

مزید خبریں