ٽيڪنالاجي خدمتن جي روانگي واپار ۾ جولاءِ کان آگسٽ دوران 18 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽيڪنالاجي خدمتن جي روانگي واپار ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن  جولاءِ کان آگسٽ دوران سالياني بنيادن تي 18 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن موجب مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ٽيڪنالاجي جي خدمتن جي روانگي واپار ۾ ملڪ کي 691 ملين ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي …

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽيڪنالاجي خدمتن جي روانگي واپار ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن  جولاءِ کان آگسٽ دوران سالياني بنيادن تي 18 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن موجب مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ٽيڪنالاجي جي خدمتن جي روانگي واپار ۾ ملڪ کي 691 ملين ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 18 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي انهي مدي ۾ ٽيڪنالاجي جي خدمتن جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 584 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو آهي، آگسٽ ۾ ٽيڪنالاجي خدمتن جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 337 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال آگسٽ جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جولاءِ ۾ ٽيڪنالاجي خدمتن جي روانگي واپار سان ملڪ کي 354 ملين ڊالر ۽ گذريل سال آگسٽ ۾ 298 ملين ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيو هو. واضح رهي ته مالي جي پهرين ٻن مهينن ۾ خدمتن جي شعبي جي مجموعي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 1.395 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي جي 1.251 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

مزید خبریں