اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن ۾ بهتري، پبلڪ فنانس ۽ اداره جاتي ڍانچي ۾ سڌارن جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، نجڪاريءَ جي عمل ۾ تيزي آندي پئي وڃي، يورپي ڪمپنيون پاڪستان ۾ تيل ۽ گيس، معدني وسيلن، آءِ ٽي، زراعت، توانائي، ماليات ۽ هوابازي جي شعبن ۾ نجڪاريءَ جي موقعن …
حڪومت ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن ۾ بهتري، پبلڪ فنانس ۽ اداره جاتي ڍانچي ۾ سڌارن جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، يورپي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻن: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن ۾ بهتري، پبلڪ فنانس ۽ اداره جاتي ڍانچي ۾ سڌارن جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، نجڪاريءَ جي عمل ۾ تيزي آندي پئي وڃي، يورپي ڪمپنيون پاڪستان ۾ تيل ۽ گيس، معدني وسيلن، آءِ ٽي، زراعت، توانائي، ماليات ۽ هوابازي جي شعبن ۾ نجڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻن. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ يورپي يونين جي نئين مقرر سفير ريمونڊاس ڪاروبلس سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن خاص ڪري پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جا ناتا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي زور ڀريو ويو. ناڻي واري وزير سفير کي ڀليڪار چوندي کيس ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني ۽ ٻُڌايو ته ملڪي معيشت بحاليءَ جي راهه تي گامزن آهي ۽ اڳ کان وڌيڪ مستحڪم پوزيشن تي آهي. هن آگاهه ڪيو ته حڪومت ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن ۾ بهتري، پبلڪ فنانس ۽ اداره جاتي ڍانچي ۾ وڏي پيماني تي سڌارن لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ نجڪاريءَ جو عمل وڌيڪ تيز ٿيندو. وزيراعظم ذاتي طور معاشي سڌارا جاتي ايجنڊا جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. سينيٽر اورنگزيب ٻُڌايو ته ويجهڙ ۾ عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي معاشي منظرنامي تي مثبت رپورٽون جاري ڪيون آهن، جنهن سان عالمي حصيدارن سميت يورپي يونين جو اعتماد وڌيو آهي. هن چيو ته ڪاروباري اعتماد ۾ بهتري آئي آهي ۽ مقامي سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش جاري آهي. وفاقي وزير هاڻوڪي ٻوڏ سبب فصلن، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي روشني وڌي. هن ٻُڌايو ته هن وقت تائين 950 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته روڊن، پُلين ۽ فصلن جي پهتل نقصان جو ڪاٿو اين ڊي ايم اي ۽ مواصلاتي سيارچن مان حاصل تصويرن ذريعي لڳايو پيو وڃي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي ڪابينه جلد ئي عالمي برادريءَ کان بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ تعاون جي اپيل ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو ڪندي. ناڻي واري وزير يورپي يونين پاڪستان بزنس فورم جي ٻيهر فعال ڪرڻ جي منصوبي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته يورپي ڪمپنيون پاڪستان ۾ تيل ۽ گيس، معدني وسيلن، آءِ ٽي، زراعت، توانائي، ماليات ۽ هوابازي جي شعبن ۾ نجڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻن. هن جي ايس پي پلس اسڪيم تحت يورپي يونين جي مسلسل تعاون تي ٿورو پڻ مڃيو. يورپي سفير پاڪستان ۾ پنهنجي مقرريءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نهايت اهم ملڪ آهي. هن پاڪستان جي گذريل ڏيڍ سال جي معاشي ڪارڪردگي ۽ عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتريءَ تي ناڻي واري وزير کي مبارڪون ڏنيون ۽ يورپي يونين طرفان مستقل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن ٻُڌايو ته هن وقت 300 کان وڌيڪ يورپي ڪمپنيون پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ۽ گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جي ناتن کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهن. هن اعلان ڪيو ته يورپي يونين پاڪستان بزنس فورم کي مڪمل طور فعال ڪيو ويندو ۽ ايندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويندو جيڪو اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ سنگِ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته جي ايس پي پلس اسڪيم پاڪستان جي روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ نهايت اهم رهي آهي ۽ هن وقت پاڪستان جو 30 سيڪڙو کان وڌيڪ روانگي واپار يورپي يونين ڏانهن وڃي رهيو آهي. هن يورپي انويسٽمينٽ بئنڪ جي جاري منصوبن جو پڻ ذڪر ڪيو، جن ۾ ڪراچيءَ ۾ پاڻي ۽ صفائي جا منصوبا شامل آهن جڏهن ته مستقبل ۾ ريلوي، توانائي ۽ ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ گهرن جي شعبي ۾ تعاون تي به غور ڪيو پيو وڃي. يورپي يونين جي سفير پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي نقصان ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. ڌُرين گڏيل اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ تعاون جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.











