اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي)ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ريڪوڊڪ منصوبي جي فنانسنگ بابت حتمي معاهدو، مالياتي وعدن ۽ـ ريڪوڊڪ مائننگ ڪمپنيءَ سان ريل ڊولپمينٽ معاهدي ۽ برج فنانسنگ معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي، معاهدي تحت 390 ملين ڊالرن جي برج فنانسنگ ذريعي کاڻين مان معدنيات جي روانگي واپار جي وڏي مقدار کي منتقل ڪرڻ لاءِ 1350 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائن وڇائي سگهبي. اي سي سي …
اقتصادي رابطا ڪميٽي ريڪوڊڪ منصوبي جي فنانسنگ بابت حتمي معاهدو، مالياتي وعدن ۽ـ ريڪوڊڪ مائننگ ڪمپنيءَ سان ريل ڊولپمينٽ معاهدي ۽ برج فنانسنگ معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي)ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ريڪوڊڪ منصوبي جي فنانسنگ بابت حتمي معاهدو، مالياتي وعدن ۽ـ ريڪوڊڪ مائننگ ڪمپنيءَ سان ريل ڊولپمينٽ معاهدي ۽ برج فنانسنگ معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي، معاهدي تحت 390 ملين ڊالرن جي برج فنانسنگ ذريعي کاڻين مان معدنيات جي روانگي واپار جي وڏي مقدار کي منتقل ڪرڻ لاءِ 1350 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائن وڇائي سگهبي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزارت طرفان ريڪوڊڪ منصوبي جي فنانسنگ بابت حتمي معاهدن ۽ مالياتي وعدن جي منظوريءَ بابت سمريءَ جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي معاهدن جي تجويز ڪيل حتمي شرطن جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ هدايت ڪئي ته جيڪڏهن معاهدن جي حتمي مسودن ۾ ڪا نمايان تبديلي ٿي ته ان کي منصوبي جي قانوني ۽ مالياتي صلاحڪارن جي راءِ ۽ ريڪوڊڪ مائننگ ڪمپنيءَ جي تصديق کانپوءِ ٻيهر اي سي سي کان منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ريلوي واري وزارت طرفان ريڪوڊڪ مائننگ ڪمپني سان ريل ڊولپمينٽ معاهدي ۽ برج فنانسنگ معاهدي جي منظوري بابت سمري جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان معاهدي تحت 390 ملين آمريڪي ڊالرن جي برج فنانس فراهم ڪئي ويندي ته جيئن بلوچستان جي کاڻين مان معدنيات جي روانگي جي وڏي مقدار کي منتقل ڪرڻ لاءِ 1350 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائن وڇائي سگهجي، اي سي سي تجويز جي منظوري ڏيندي ريلوي وزارت کي ٻنهي معاهدن جي مسودي کي ناڻي واري وزارت سان شيئر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ان جو تفصيلي جائزو وٺي سگهجي. ريلوي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت کي منصوبي تي عملدرآمد ۽ ان جي اڳڀرائي بابت رپورٽ ايندڙ سال مارچ تائين اي سي سي کي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي. ناڻي واري وزير ريڪوڊڪ جي حوالي سان اي سي سي جي اها منظوري حڪومت جي ان پُختي عزم جي عڪاسي آهي ته هو ان تاريخي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پُرعزام آهي، هي منصوبو بلوچستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ ۽ پاڪستاني عوام لاءِ ڏور رس فائدا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي سان نه صرف دنيا جي سڀ کان وڏي غير ترقي يافته ٽامي ۽ سون جا ذخيرا کولڻ جو ذريعو بڻجندو پر ان سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ ترقيءَ کي هٿي ملندي. هن چيو ته هي منصوبو خطي ۾ ڊگهي مُدي واري سماجي ۽ معاشي ترقيءَ جو سبب بڻجندو.











