اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پنهنجي حقدارن لاءِ محفوظ، شفاف ۽ آسان ادائيگي جي نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. سينيٽر روبينه خالد چيو ته پاڪستان جي صدر جي هدايت ۽ وزيراعظم پاڪستان جي ويزن موجب …
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام حقدارن لاءِ محفوظ، شفاف ۽ آسان ادائيگي جي نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي: سينيٽر روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پنهنجي حقدارن لاءِ محفوظ، شفاف ۽ آسان ادائيگي جي نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. سينيٽر روبينه خالد چيو ته پاڪستان جي صدر جي هدايت ۽ وزيراعظم پاڪستان جي ويزن موجب بي آءِ ايس پي جديد ۽ شفاف ادائيگي جي نظام کي اختيار ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪو حقدارن کي وقت سر، آسان ۽ باعزت سهولت فراهم ڪندو. اجلاس ۾ حقدارن لاءِ روڪ رقم جي ورڇ جي جديد نظام جي تياري جي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. انهن قدمن جو مقصد سڄي ملڪ جي لکين حقدارن لاءِ مالي مدد جي ورڇ کي محفوظ، شفاف ۽ آسان بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ چيف ڪمرشل آفيسر ون لنڪ محمد بشير خان سندس ٽيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هڪ اهڙي ادائيگي جي نظام تي غور ڪيو ويو جيڪو گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت سان حقدارن جي وقار کي برقرار رکندي کين مالي مدد تائين پهچ ۾ چونڊ جي آزادي فراهم ڪري.











