اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) انسپيڪٽر جنرل پوليس اسلام آباد خصوصي قدمن جي ڊائريڪٽر عائشه جميل جي قيادت ۾ اسلام آباد ٽريفڪ پوليس سان انٽرن شپ ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين تي ٻڌل 15 رڪني فرينڊز آف پوليس جي وفد ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو دورو ڪيو جتي انهن کي ”اي پي پي“ جي آپريشنل معاملن، شعبه جاتي ورڪنگ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان …
اسلام آباد ٽريفڪ پوليس سان انٽرن شپ ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وفد جو اي پي پي جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) انسپيڪٽر جنرل پوليس اسلام آباد خصوصي قدمن جي ڊائريڪٽر عائشه جميل جي قيادت ۾ اسلام آباد ٽريفڪ پوليس سان انٽرن شپ ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين تي ٻڌل 15 رڪني فرينڊز آف پوليس جي وفد ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو دورو ڪيو جتي انهن کي ”اي پي پي“ جي آپريشنل معاملن، شعبه جاتي ورڪنگ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي وفد کي ”اي پي پي“ جي اهميت، ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ”اي پي پي“ جي ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب، ڊائريڪٽر اي پي پي اردو عبدالحميد تبسم، پروڊڪشن انچارج آءِ ٽي پي ايف ايم جنيد اسحاق، آءِ ٽي پي ايجوڪيشن ونگ مان انسپيڪٽر راڻا اشتياق ۽ پروڊيوسر آءِ ٽي پي ايف ايم رابعه حسين پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي چيو ته ”اي پي پي“ پاڪستان جي واحد نيوز ايجنسي آهي جيڪا تصديق ٿيل اطلاع پهچائڻ جو انتظام ڪري ٿي. هن چيو ته اسان ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن تي يقين نه ٿا رکون، اسان جو ادارو مستند معلومات ملڪي ۽ عالمي ميڊيا تائين وقت سر پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سموريون اخبارون اڄ به خبرن جو ڪريڊٽ ”اي پي پي“ کي ڏين ٿيون. هن چيو ته ”اي پي پي“ نه رڳو اردو، انگلش، سنڌي، چائنيز، عربي، پشتو، سرائيڪي، بلوچي، براهوي زبانن پر ريڊيو نيوز، فوٽو، ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا سميت 16 نيوز سروسز فراهم ڪري رهي آهي. محمد عاصم کچي ٻڌايو ته پاڪستان جي سمورن وڏن شهرن ۾ اسان جون 18 آفيسون آهن ۽ هر ضلعي ۾ اسان جو نمائندو ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اي پي پي“ وٽ اسٽيٽ آف دي آرٽ ڊيٽا سينٽر موجود آهي. هن ٻڌايو ته 50 ملڪن جي اسٽيٽ ميڊيا سان اسان جي خبرن جي مٽاسٽا جا معاهدا آهن. محمد عاصم کچي ٻڌايو ته معرڪه حق دوران ”اي پي پي“ جي ڪردار جو ڀارت پڻ اعتراف ڪيو.











