چين – پاڪستان ڊونڪي انڊسٽري ڊيولپمينٽ فورم منعقد، گڏهه انڊسٽري کي جديد، پائيدار ۽ ڳوٺاڻي خوشحالي ۾ مددگار شعبو بڻائڻ جو عزم

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي)  چين – پاڪستان ڊونڪي انڊسٽري ڊيولپمينٽ فورم جي اهتمام هيٺ ”موقعن جي حصيداري، مستقبل جي ڪاميابي“ جي موضوع تي فورم منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي سوين ماهرن، اسڪالرز،  صنعتڪارن ۽ سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي. اهو فورم چين چيمبر آف ڪامرس ان پاڪستان ۽ سانگ يانگ انڊسٽريل (بيجنگ) گروپ ڪمپني لميٽيڊ جي حصيداري سان چين جي سفارتخاني ۽ قومي غذائي …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي)  چين – پاڪستان ڊونڪي انڊسٽري ڊيولپمينٽ فورم جي اهتمام هيٺ ”موقعن جي حصيداري، مستقبل جي ڪاميابي“ جي موضوع تي فورم منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي سوين ماهرن، اسڪالرز،  صنعتڪارن ۽ سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي. اهو فورم چين چيمبر آف ڪامرس ان پاڪستان ۽ سانگ يانگ انڊسٽريل (بيجنگ) گروپ ڪمپني لميٽيڊ جي حصيداري سان چين جي سفارتخاني ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پاڪستان جي رهنمائي ۾ منعقد ٿيو. افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سيڪريٽري عامر محي الدين، چيني سفارتخاني جي ناظم الامور شي يوان چيانگ ۽ ٻين مهمانن گڏهه انڊسٽري کي زرعي معيشت جو هڪ اهم شعبو قرار ڏنو. مقررين زور ڏنو ته ان صنعت کي معياري، پائيدار، برانڊيڊ ۽ صنعتي رخن تي قائم ڪيو وڃي. فورم دوران مختلف موضوعاتي اجلاس منعقد ٿيا جن ۾ گڏهن جي جينياتي وسيلن جي تحفظ، صحتمند افزائش، هاءِ پروڊڪٽس جي استعمال، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مارڪيٽنگ حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت گڏهه انڊسٽري جي برآمدي معاهدن ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته چين چيمبر آف ڪامرس ان پاڪستان ”ڊونڪي انڊسٽري سيلف ريگيوليشن ڊڪليئريشن“ جاري ڪيو، جنهن ۾ قانونن تي عمل، پائيداري، مقامي ثقافت جي احترام ۽ مزدورن جي حقن جي تحفظ جي خاطري ڪرائي وئي. فورم دوران عملي تعاون جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جن ۾ ڊونڪي انڊسٽري انوويشن بابت چين – پاڪستان جوائنٽ ليبارٽري قائم ڪرڻ ۽ مختلف يونيورسٽين ۽ ادارن جي وچ ۾ حصيداري شامل آهي. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته گڏيل ڪوششن جي ذريعي گڏهه انڊسٽري کي جديد، پائيدار ۽ ڳوٺاڻي خوشحالي ۾ مددگار شعبو بڻايو ويندو ته جيئن پاڪستاني آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿئي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي بهتر معاشي موقعا ميسر اچن.

مزید خبریں