اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان فنِ تعمير جي عالمي ميدان ۾ هڪ ٻيو اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، ”ويزن پاڪستان“ منصوبي آغا خان ايوارڊ فار آرڪيٽيڪچر 2025ع پنهنجي نالي ڪري ورتو. آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي جاري پڌرائي موجب فنِ تعمير جي 7 عالمي فاتحين ۾ شامل ”ويزن پاڪستان“ منصوبي کي ڊي پي اسٽوڊيوز ڊيزائن ڪيو. ويزن پاڪستان هڪ فلاحي مرڪز آهي جيڪو گهٽ …
ويزن پاڪستان منصوبي آغا خان ايوارڊ فار آرڪيٽيڪچر 2025ع ماڻي ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان فنِ تعمير جي عالمي ميدان ۾ هڪ ٻيو اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، ”ويزن پاڪستان“ منصوبي آغا خان ايوارڊ فار آرڪيٽيڪچر 2025ع پنهنجي نالي ڪري ورتو. آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي جاري پڌرائي موجب فنِ تعمير جي 7 عالمي فاتحين ۾ شامل ”ويزن پاڪستان“ منصوبي کي ڊي پي اسٽوڊيوز ڊيزائن ڪيو. ويزن پاڪستان هڪ فلاحي مرڪز آهي جيڪو گهٽ مراعت يافته نوجوانن کي جديد فني تربيت فراهم ڪري ٿو. آغا خان ايوارڊ فار آرڪيٽيچڪر 2025ع جي تقريب ڪرغزستان ۾ منعقد ٿي. ڪامياب منصوبن ۾ ٻوڏ کان محفوظ رهندڙ گهرن، ثقافتي ورثي جي بحالي جي ڪوششن ۽ صنعتي ڪچري جي ٻيهر استعمال جا منصوبا شامل آهن. شهزاده رحيم آغا خان خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي آبهوا ۾ معمارن جي ذميواري آهي ته پنهنجي صلاحيتن سان ڪمزور ماڻهن کي موسمي حالتن کان محفوظ رکن. ويزن پاڪستان منصوبي جي آرڪيٽيڪ محمد سيف الله صديقي چيو ته هي ايوارڊ رڳو هڪ اعزاز نه آهي پر اسان جي فنِ تعمير جي ترقي جي اهميت جي ياد ڏياري ٿو، ”ويزن پاڪستان“ جو عالمي سطح تي اهو اعزاز پاڪستان جي لاءِ فخر جوڳو آهي.











