اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي ويجهي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي خيرسگالي جذبن، اعتماد ۽ اسلامي ڀائيچاري تي ٻڌل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ مالديپ جي عوامي مجلس جي اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله جي قيادت ۾ آيل …
پاڪستان مالديپ سان پنهنجي ويجهي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي ويجهي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي خيرسگالي جذبن، اعتماد ۽ اسلامي ڀائيچاري تي ٻڌل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ مالديپ جي عوامي مجلس جي اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله جي قيادت ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ محمد شاهد، حسني مبارڪ، يوسف نشيد ۽ عبدالله شازيم شامل هئا. وقتي صدر چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ گڏيل اعتماد ۽ گڏيل قدرن ت ٻڌل لاڳاپا رکن ٿا. هن 2024ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۽ ان کان اڳ قيادت جي سطح جي رابطن جو ذڪر ڪندي چيو ته اهي مٽاسٽا ٻطرفي لاڳاپن جي گرمجوشي ۽ گهرائي جي عڪاسي ڪري ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني واپار، سياحت، تعليم، صحت، نوجوانن جي ترقي، موسمياتي تعاون ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 2024ع ۽ 2025ع ۾ 8.87 ملين ڊالر رهي. وقتي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سڌوسنئون فضائي ۽ سامونڊي رابطا لاڳاپن جي مڪمل صلاحيت کي کولڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. هن مالديپ جي ٽيڪسٽائيل، چانور، سيمنٽ، گوشت، ميون، ڀاڄين ۽ دواسازي جي گهرج کي پورو ڪرڻ جي پاڪستان جي صلاحيت جو ذڪر ڪيو ۽ دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي جو ورجاءُ ڪيو. وقتي صدر مالي ۾ پارليامينٽ جي عمارت سميت مالديپ ۾ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ترقياتي قدمن ۽ فلاحي خدمتن تي فخر جو اظهار ڪيو جيڪي دوستي جي لازوال علامت آهن. هن چيو ته پاڪستان مالديپ جي ترقي خاص طور تي ميڊيسن، انجنيئرنگ، فارميسي ۽ ڏندسازي ۾ شاگردن جي لاءِ وظيفن جي ذريعي مالديپ جي ترقي جي حمايت جاري رکندو. وقتي صدر سياحتي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ان اهم شعبي ۾ هڪ ٻئي جي مهارت مان سکڻ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ سارڪ کي علائقائي ترقي جي پليٽ فارم جي طور تي بحال ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته مالديپ ان سلسلي ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو. اپريل 2025ع کان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ان تڪرار جو هڪ پرامن حل خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي. هن عبدالرحيم عبدالله کي نومبر 2025ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ بين الپارلياماني ڪانفرنس ۾ شرڪت جي پڻ دعوت ڏني. ان موقعي تي عبدالرحيم عبدالله چيو ته مالديپ پاڪستان کي خطي ۾ ويجهي حصيدار جي طور تي ڏسي ٿو. هن چيو ته اهڙي طرح جون مسلسل اعليٰ سطحي مصروفيتون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي ٻنڌڻن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون. هن چيو ته مالديپ پاڪستان جي تعاون کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، خاص طور تي تعليم، صحت ۽ واپار سان گڏوگڏ مالديپ جي شاگردن کي ڏنا ويندڙ وظيفن ۽ اهم شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ پاڪستاني پيشيور ماڻهن جي تعاون جي لاءِ ٿورائتو آهي. وفد وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته مالديپ هڪ مسلمان قوم جي طور تي فلسطين جي عوام خاص طور تي غزه جي ماڻهن سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي. ان موقعي تي سينيٽرز شيري رحمان، منظور احمد ڪاڪڙ ۽ شهادت اعواڻ موجود هئا.











